تعليم کي صنعت بڻايو ويو، اسڪول فيس 30 هزار آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي امين ريمارڪس ڏنا ته پهريان ڪاليج فيس 8 رپيا هوندي هئي هاڻي ننڍي ٻار جي فيس 30 هزار رپيا آهي، سپريم ڪورٽ ۾خيبرپختونخواه جي زلزلي سٽيل علائقن ۾اسڪول تعمير نه ٿيڻ جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي عدالت زلزلي سٽيلن جي بحالي واري اداري (ايرا) کي سمورا تعمير هيٺ منصوبا جون 2022 تائين مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪي پي حڪومت کان اڳڀرائي رپورٽ ۽ تعمير ٿيل اسڪولن ۾ شاگردن ۽ استادن جو تفصيل به گهري ورتو چيف جسٽس ايرا چيئرمين تي ڪاوڙ ڪندي چيو ته ايرا آفيسر رڳو پگهارون ۽ مراعتون کڻي رهيا آهن اوهان جا پنهنجا ٻار اسڪول کان محروم هجن ها ته پوءِ اوهان ڪم ڪريو ها ايرا جي چيئرمين جواب ڏنو ته 14 هزار منصوبا مڪمل ڪرڻا هئا رڳو 3 هزار رهيا آهن، تعليم ۽ صحت اسان جي پهرين ترجيح آهي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته تعليم ۽ صحت اوهان جي ترجيح هجن ها ته اڄ مڪمل هجن ها. زلزلي متاثر علائقا ته هڪ سال ۾ ئي ٺهڻ گهرجن ها جن اسڪولن جون تصويرون ڏنيون ويون آهن اهي بند لڳن ٿا جسٽس قاضي امين چيو ته حڪومتن جي غفلت تعليم کي صنعت بڻائي ڇڏيو آهي پهريان 8 رپيا ڪاليج جي فيس هوندي هئي هاڻي ننڍي ٻار جي 30 هزار آهي رياست جي ذميواري اهي ته مفت تعليم فراهم ڪري، ڪي پي حڪومت ايرا جي پويان لڪڻ جي ڪوشش نه ڪري ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ٻڌايو ته هن وقت تائين 540 مان 238 اسڪول مڪمل ڪري چڪا آهيون عدالت وڌيڪ ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ متلوي ڪري ڇڏي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *