ترڪمانستان پاران دهشتگردي ۽ شدت پسندي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوشش جي حمايت

اشڪ آباد (م.ڊ/اي پي پي) پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياست ترڪمانستان ٽرانسپورٽيشن ۽ ڪميونيڪشن رابطن ۾ اضافو ڪرڻ ۽ ترجيحي بنيادن تي رستي، ريل ۽ هوائي رابطن کي قائم ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ترڪمانستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ صدر قربان گلي بردي ممدوف جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪالهه اربع ڏينهن اشڪ آباد ۾ جاري گڏيل پڌرنامي موجب ٻنهي ملڪن گڏيل تعاون ۽ پارٽنرشپ وڌائڻ جو عزم ظاهر ڪيو جيڪو ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ حڪومتن جي گڏيل مفاد ۾ آهي. ان سان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي فروغ ملندو. ترڪمانستان دهشتگردي ۽ شدت پسندي جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوشش جي حمايت ڪئي. ٻنهي ملڪن سيڪيورٽي، دهشتگردي جي خاتمي، منشيات، اسمگلنگ جي روڪٿام، منظم ڏوهن ۽ ٻين خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تعاون وڌائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن جي جيو اڪنامڪ ۽ جيو پوليٽيڪل اهميت کي نظر ۾ رکندي پاڪستان ۽ ترڪمانستان ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن واپار، معيشت، فنانشل منصوبن جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۽ انفراسٽرڪچر، مائننگ، زراعت، مينوفيڪچرنگ، ملٽي ميڊيا ٽيڪنالاجي، بئنڪنگ، ماحوليات ۽ انرجي سيڪٽر ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ان ڏس ۾ ٻنهي ملڪن تاپي منصوبي جي اهميت تي زور ڏنو ۽ ان اهم علائقائي منصوبي تي جلد کان جلد عملدرآمد جي لاءِ قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو به فيصلو ڪيوويو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافت، سائنس، آرٽ، سياحت ۽ راندين جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏنو ويندو. گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ٻئي ملڪ گڏيل قومن، غيروابسته تحريڪ، جي 77، ايڪو ۽ اسلامي سربراهه ڪانفرنس سميت سمورن علائقائي ۽ عالمي فورمن تي تعاون ڪندا. ٻنهي ملڪن علائقائي ۽ عالمي معاملن کي گڏيل ڳالهين ۽ مشاورت ذريعي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان کانسواءِ پاڪستان ۽ ترڪمانستان 2017ع ۾ اشڪ آباد ۾ پنجين ايشيائي انڊور ۽ مارشل آرٽس گيمز کي ڪامياب ڪرائڻ جي لاءِ گڏيل تعاون تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ خصوصي لاڳاپا گڏيل عزت ۽ احترام جي بنياد تي قائم آهن. وزيراعظم محمد نواز شريف ترڪمانستان جي صدر جي ڏاهپ کي ساراهيو جنهن ترڪمانستان کي خوشحالي تي پهچايو. گڏيل پڌرنامي موجب ترڪمانستان گوادر پورٽ جي انفراسٽرڪچر جي صلاحيتن جو جائزو وٺڻ لاءِ جلد هڪ وفد پاڪستان موڪليندو. وفد ايل اين جي/ سي اين جي ڪنورزن پلانٽ قائم ڪرڻ جي آپشنز جو جائزو پڻ وٺندو. وزيراعظم محمد نواز شريف شاندار استقبال ڪرڻ تي ترڪمانستان جي صدر ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. هن ترڪمانستان جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *