تحريڪ انصاف سنڌ جي ورهاڱي خلاف آهي، ملڪ ۾ لساني بنيادن تي صوبا نه بڻجڻ گهرجن: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ لساني بنيادن تي صوبا نه بڻجڻ گهرجن، جڏهن ته سنڌ جي ورهاست جي حق ۾ به ناهيون. عمران خان چيو ته ڌرڻو اسان جو آئيني حق آهي ۽ اسان جو ڪوبه مطالبو آئين کان ٻاهر ناهي، انصاف لاءِ هر قانوني رستو اختيار ڪيو پر انصاف نه مليو، موجوده نظام ۾ انصاف حاصل ڪرڻ ڏکيو بڻجي ويو، اسين انصاف ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ نڪتا آهيون جڏهن ته آرمي چيف ملاقات ۾ چونڊ ڌانڌلين جي جانچ ۾ آئي ايس آئي جي شموليت جو يقين ڏياريو هو. عمران خان چيو ته حڪومت ڳالهين لاءِ 30 نومبر جو سڏ واپس وٺڻ جو چيو جيڪڏهن سڏ واپس ورتو ته حڪومت تي دٻاءُ ختم ٿي ويندو. هن چيو ته هر هنڌ تاريخي جلسا ڪيا پر بلاول ڀٽو جي جلسي ۾ ماڻهن کي زبردستي آندو وڃي آهي. سنڌ جون حالتون بلوچستان کان به خراب آهن، ڪالاباغ ڊيم جي معاملي تي سنڌ ۾ تمام گهڻو خوف آهي پر يم سنڌ جي راضي کانسواءِ نه بڻجڻ گهرجي، اسين سنڌ جي ورهاست جي حق ۾ ناهيون جڏهن ته لساني بنيادن تي صوبا نه ٺهڻ گهرجن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *