تحريڪ انصاف جو پارٽي آئين تي گڏيل انداز ۾ نظرثاني جو فيصلو

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف پارٽي آئين تي خاص نظرثاني جو فيصلو ڪري ورتو ان ڏس ۾ عمران خان آئيني ماهرن ۽ سينيئر پارٽي اڳواڻن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ورتي چيئرمين تحريڪ انصاف جي منظوري سان جاري نوٽيفڪيشن مطابق ڪميٽي ۾ بابر اعواڻ، سردار اظهر طارق، عارف علوي، عامر محمود ڪياني ۽ شاهد نسيم گوندل شامل ٿيندا ڪميٽي پارٽي آئين جو مفصل جائزو وٺندي ۽ پارٽي آئين کي بهتر ۽ جامع بنائڻ لاءِ سفارشون چيئرمين کي پيش ڪندي عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف صحيح معنيٰ ۾ هڪ جمهوري سياسي پارٽي آهي ڪنهن به جماعت جي تنظيم ۽ جوڙجڪ جو دارومدار ان جي آئيني سرشتي تي هوندو آهي تحريڪ انصاف جو آئيني سرشتو پاڪستان جي ڪنهن به جماعت کان بهتر ۽ جديد آهي پر ان ۾ وڌيڪ نواڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته سياست ۾ اڳڀرائي سان جماعت جي اندرين سرشتي جي تعمير سان غافل نه ٿينداسين ۽ ايندڙ نسلن کي بهتر پاڪستان سان گڏوگڏ بهرين سياسي پارٽي به ڏينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *