بهترين بيٽسمين بابر اعظم جون ٽاپ ٽين ۾ شموليت لاءِ ڪوششون جاري

 

دبئي: (اسپورٽس نيوز)   آءِ سي سي ٽيسٽ بيٽسمين رينڪنگ جي ٽاپ 10 ۾ شموليت جي لاءِ بابر اعظم جون ڪوششون جاري آهن. ڪافي عرصي کان ٽيسٽ رينڪنگ جي ٽاپ 10 ۾ ڪوبه پاڪستاني شامل ناهي ٿي سگهيو. پر هاڻ بابر اعظم ان جي ويجهو پهچندو پيو وڃي.هن 2 درجا بهتري ملڻ تي 13هون نمبر جڏهن ته پاليا، شان مسعود 10 درجا ترقي سان 47هين پوزيشن حاصل ڪري ورتي.  بيٽنگ ۾ ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي هڪ دفعو ٻيهر ٽاپ پوزيشن تي آهي. اسٽيون اسمٿ هڪ درجو هيٺ اچڻ کان پوءِ ٻئين نمبر تي هليو ويو آهي.ڪين وليمسن اڃان تائين ٽئين ۽ پجارا چوٿين نمبر تي آهي. پاڪستان  خلاف سيريز ۾ رنسن جا ڍير لڳائيندڙ آسٽريليا جو بيٽسمين وارنر پنجين پوزيشن تي اچي ويو آهي. راهني هڪ درجو هيٺ اچڻ کان پوءِ ڇهين نمبر تي پهچي ويو آهي. هيملٽن ۾ ڊبل سينچڙي هڻندڙ انگلينڊ جو ڪپتان جوءِ روٽ به 4 قدم اڳيان وڌي ستين نمبر تي اچي ويو آهي. لبوشين کي 6 درجا بهتري ملڻ تي اٺين پوزيشن ڏياري ڇڏي.نڪولس نائين ۽ ڊيموٿ ڪرونا رتني 10 نمبر تي آهي. بالنگ ۾ پيٽ ڪمنز پهرين ۽ ڪاگيسو ربادا ٻئين نمبر تي آهن. جيسن هولڊر ٽئين پوزيشن تي آهي. شاهين آفريدي 49هين نمبر تي، ويسٽ انڊيز جو اسپنر ڪورنويل 47 پوزيشن تي اچي ويو آهي. ٽاپ 5 آل رائونڊرز ۾ جيسن هولڊر، رويندار جڊيجا، بين اسٽوڪس، ورنون فيلينڊر ۽ ايشون جو قبضو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *