بلوچستان ۾ دهشتگردن ۽ فاٽا ۾ طالبان جي پٺڀرائي ڀارت پيو ڪري: ترجمان پاڪ فوج

اسلام آباد (بيورو) آئي ايس پي آر جي ڊاريڪٽر جنرل ميجر جنرل عاصم سليم باجوا چيو آهي ته بلوچستان ۾ دهشت گردن ۽ فاٽا ۾ طالبان کي ڀارت جي پٺڀرائي حاصل آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حملي جي ماسٽر مائينڊ تائين پهچي چڪا آهيون. هن چيو ته پشاور سانحي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. هن چيو ته اتر وزيرستان جو اڪثر علائقو ڪليئر ڪرايو ويو آهي. هن چيو ته آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جاري آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آپريشن خيبر ون به ڀرپور طريقي سان هلندڙ آهي. ميجر جنرل عاصم سليم چيو ته پاڪ، افغان سرحد لڳ ننڍن وڏن علائقن ۾ پڻ آپريشن جاري آهي. هن واضح ڪيو ته آپريشن خيبر ون دوران 176خطرناڪ دهشتگرد ماريا ويا آهن. هن چيو ته ملا فضل الله ۽ عمر امير پشاور اسڪول تي حملي جي منصوبا بندي ڪئي هئي. هن چيو ته اسڪول تي حملي جو حڪم ملا فضل الله ڏنو. هن چيو ته اسڪول تي حملي جو ٽاسڪ حاجي ڪامران کي ڏنو ويو هو. هن چيو ته جمرود ۾ دهشتگردن کي پناهه ڏيندڙ کي گرفتار ڪيو آهي. هن چيو ته هڪ گروپ جي ڪمانڊر عتيق الرحمان کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ٻيو گروپ تاج عرف رضوان جو هو. هن چيو ته آرمي اسڪول تي حملو ڪندڙ ۾ 27ڄڻا شامل هئا. هن چيو ته ستاويهن مان ٻارهن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويوآهي. ميجر جنرل عاصم سليم چيو ته ڪيترن ئي دهشتگردن کي افغانستان مان گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پشاور حملي ۾ دهشتگردن مسجد جي پيش امام جي گهر ۾ پناهه ورتي هئي. هن واضح ڪيو ته دهشتگردن خلاف قوم ۽ سياستدان متحد ٿي چڪا آهن. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پشاور سانحي جي جوابدارن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو هن چيو ته افغانستان جي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ملا فضل الله کي زنده يا مردهه پاڪستان جي حوالي ڪيو وڃي. فوج جي ترجمان واضح ڪيو ته دهشتگردن مان اڪثريت پاڪستانين جي هئي. هن چيو ته دهشت گردي جا ٻاويهه ڪيس فوجي عدالتن ۾ پهچي چڪا آهن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مينا بازار، راولپنڊي ۽ ترنول ڌماڪن ۾ ساڳيا دهشتگرد ملوث هئا. هن واضح ڪيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *