بابر بٽ جي قتل تي هر ڪارڪن غمگين آهي، پوليس جوابدارن کي تحفظ پئي ڏئي: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ ۽ سينيٽر اعتزاز احسن پ پ جي مقتول اڳواڻ بابر بٽ جي گھر پهچي ويو، بيريسٽر اعتزاز احسن بابر بٽ جي گھرن وارن سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽيءَ جو هر ڪارڪن بابر بٽ جي قتل تي غم ۾ ورتل آهي، سندس قتل تي سڄو علائقو سوڳوار آهي، سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته بابر بٽ جو قتل ناقابل ڀرڻ جوڳو نقصان آهي، پوليس پنهنجي ڪارروائي صحيح نموني نه پئي ڪري، پوليس ڏوهارين کي تحفظ ڏئي رهي آهي، پنجاب غير علائقو بڻجي ويو آهي، شوڪت بسرا تي حملي جي جاچ به درست نه پئي ٿئي، پاناما ڪيس ۾ رڳو 2 خط پيش ڪيا ويا آهن.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *