اين اي 122 جي پولنگ بستي سيدن شاه ۾ پي ٽي آءِ ۽ (ن) ليگ ڪرڪنن ۾ جهيڙو، هٿين پئجي ويا

لاهور (بيورو) لاهور جي قومي اسيمبلي تڪ اين اي 122 تي ننڍي چونڊ ۾ پولنگ اسٽيشن بستي سيدن شاهه اپر مال روڊ تي هڪ ٻئي خلاف نعري بازي تي پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران ٻ؟ي ڌريون هڪ ٻئي کي هٿين پئجي ويون. پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن (ن) ليگ جي ڪيمپ پٽي ڇڏي جنهن جي ڪري ووٽر خوفزه ٿي ويا. بر موجب پولنگ بوٿ نمبر 89، 90، 91، 92 ۽ 95 ۾ ٻنهي گروپن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي جنهن کان پوءِ ٻنهي پارٽين جا ڪارڪن هٿين پئجي ويا. ان دوران پولي معاملي کي نبيرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪاميابي نه ملي سگهي جڏهن ته فوج جي جوانن ٻنهي ڌرين ۾ معاملو ختم ڪرايو. پولنگ اسٽيشنن ٻاهران موجود ووٽرن ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن طرفان ووٽرن کي ڊيجھاريو پيو وڃي ۽ کين ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر (ن) ليگ جي ووٽرن جو عزم بلند آهي ۽ هو سردار اياز صادق کي ڪامياب ڪرائيندا. ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) جي صوبائي اسيمبلي ميمبر وحيد گل چيو ته تحريڪ انصاف جي غنڊه گردي هلڻ نه ڏني ويندي. امن جا حامي آهيون ۽ چاهيون ٿا ته اليڪش عمل پرامن نموني مڪمل ٿئي. هن چيو ته اسان کي پوري اميد آهي ته مسلم ليگ (ن) اليڪشن کٽيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *