ايم ڪيو ايم پاران سنڌ حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو اعلان، صوبن جي مطالبي تان پوئتي نه هٽنداسين: خالد مقبول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ جي رابطه ڪميٽي جو ڪراچي ۽ لنڊن ۾ گڏيل اجلاس ٿيو آهي جنهن ۾ ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين خلاف وڌندڙ غير مهذب ڳالهه ٻولهه ۽ جارحاڻي عمل جو جائزو ورتو ويو آهي اجلاس دوران سمورن پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي به طلب ڪيو ويو هو، اجلاس ۾ سنجيدگي سان سنڌ حڪومت کان عليحدگي تي غور ڪيو ويو ۽ اجلاس کانپوءِ ان جو باقاعده اعلان جو به امڪان آهي، ان سلسلي ۾ 9 بجه هڪ پريس ڪانفرنسجو به اعلان ڪيو ويو آهي واضح رهي ته بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڏينهن الطاف حسين کي تنقيد جو نشانو بڻايو هو. خالد مقبول صديقي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته هاڻي ڪوبه سبب ناهي ته پ پ سان گڏ هلجي. اسين ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان پنهنجي حصي جو سفر ڪري ورتو آهي. اسان جيڪوڪجهه پئي سگهياسين اُهو ڪيوسين اسان کي محبت بجاءِ نفرت ملي. ايم ڪيو ايم پيپلزپارٽيءَ جي سنڌي وزيراعظم کي ووٽ ڏئي وزيراعظم هائوس تائين پهچايو. جڏهن ايم ڪيو ايم جي قائد جي ڳالهه اچي ٿي ته ڪارڪن سمجهوتو نه ڪندا.  شهري علائقا بجيٽ جو 95 سيڪڙو ڏين ٿا. پوئين پنجن سالن ۾ پيپلزپارٽي ۽ نفرت جو مظاهرو ڪيو آهي. بلاول ڀٽو چيو هو ته اسين اوهان جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏينداسين. اسان جڏهن سنڌ ون ۽ ٽو جي ڳالهه ڪئي ته انهن کي خراب لڳي. اسان الطاف حسين تي ڪوبه ڪمپرومائيز نه ڪنداسين. اسان صوبن جي مطالبي تان پوئتي نه هٽنداسين. بلاول ڀٽو زرداريءَ جو وارث ٿي سگهي ٿو پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو وارث نٿو ٿي سگهي. بلاول اسين جي قائد کي چوي ٿو ته جيئڻ حرام ڪري ڇڏينداسين. قوم پڇڻ چاهي ٿي ته بلاول ڀٽو  اڃا تائين سندس والده جي قاتلن جو جيئڻ حرام ڪيو آهي. خورشيد شاهه ٻڌي ڇڏي اوهان جي ڳار تي اسان جو صوبي جو پهريون مطالبو آهي

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *