ايم ڪيو ايم ويڇا وڌائڻ جون ڳالهيون نه ڪري، ويڙهه واري سازش ڪامياب نه ٿيندي شرجيل ميمڻ: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم وارا دوست اهڙيون ڳالهيون نه ڪن جنهن سان ويڇا وڌن. ڪراچي ۾ رهندڙ سڀ ڀائر آهن انهن کي ورهايو نه وڃي. اسان ماڻهن کي وڙهائڻ جي سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. ڳالهين کي درگذر ڪري ۽ اچو ته گڏجي سنڌ صوبي جي خدمت ڪيون. سومر ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي بائيڪاٽ کانپوءِ خطاب شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سموري دنيا ڄاڻي ٿي ته ڪي ايم سي ۽ واٽر بورڊ جو ڇا حال آهي. اتي قانون خلاف ڀرتيون ڪيون ويون. اڪثر گرفتار دهشتگرد ڪي ايم سي ۽ واٽر بورڊ جا ملازم آهن، جن ٽارگيٽ ڪلنگ جو اعتراف ڪيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 18 آڪٽوبر تي عاليشان جلسي ۾ مفاهمت جي ڳالههڪئي ۽ سمورن سياسي جماعتن کي اها دعوت ڏني ته پاڪستان جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هر ڪنهن کي ٻين جي پارٽي قيادت جو احترام ڪرڻ گهرجي. پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي قيادت تي حملا برداشت نه ڪندي. اهو سمجهو وڃي ته ٻين لاءِ هر ڪو فرشتو آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه پنهنجي بيان جي ان ڏينهن وضاحت ڪري ڇڏي هئي ۽ هن اهو چيو هو ته سندس بزرگ به هجرت ڪري سنڌ ۾ آيا هئا ۽ هاڻ هو سنڌي آهي. جڏهن ته ڪجهه ماڻهن به اهي بيان ڏنا آهن ته سنڌي هندن جا جوتا چٽيندا هئا ۽ پنجاب ۾ گهر گهر مجرا ٿين ٿا. اهڙن توهين وارن بيانن تي به معافي نه ورتي وئي. پاڪ فوج خلاف به بيان ڏنا ويا. هن چيو ته اسان سڀني کي احترام جي دائري ۾ رهڻ گهرجي ۽ ناراضگين باوجود احترام ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم وارا نوڪرين تي اعتراض ڪن ٿا. پوري دنيا ڄاڻي ٿي ته ڪي ايم سي ۽ ڪراچي واٽر بورڊ جو ڪهڙو حال آهي. هو 20 سالن کان حڪومت ۾ آهن ۽ اڄ به اسان جا دروازا انهن لاءِ کليل آهن. انهن ٻن ادارن جي پوري بجيٽ پگهارن ۾ هلي وڃي ٿي. ايم ڪيو ايم ٻڌائي ته اهي ڀرتيون ڪهڙي طرح ۽ ڪنهن قانون تحت ٿيون. هنن 18 ۽ 19 گريڊ جي جاين تي سڌو سنئون ڀرتيون ڪيون اهو ڪم ته سنڌ جو وڏو وزير به نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم وارا امن امان جي ڳالهه ڪن ٿا، ڪراچي جي ٽارگيٽ آپريشن ۾ اهڙن دهشتگردن جون گرفتاريون ٿيون آهن جن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي ۽ انهن دهشتگردن ۾ اڪثريت واٽر بورڊ ۽ ڪي ايم سي جي ملازمن جي آهي. اسان مفاهمت کي نظر ۾ رکندي ناراضگيون ختم ڪري ڇڏيون پر دهشتگردن خلاف ڪارروائي ۾ ڪابه مفاهمت نه آهي. هن چيو ته اسان کي جيترو لاڙڪاڻو ۽ ڪشمور عزيز آهي ايترو ئي ڪراچي ۽ حيدرآباد عزيز آهي، اهي سمورا شهر ۽ ڳوٺ سنڌ جو حصو آهن، هتي رهندڙ سمورا ڀائر آهن، اسان جا دوست ڪڏهن معاملي  کي لساني رنگ ڏين ٿا ته ڪڏهن ڪو ٻيو رنگ ڏين ٿا. ڪا ناراضگي ڪنهن ٻي تي ڪڍڻ مناسب نه آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جي اها پيشڪش موجود آهي ته سڀئي گڏجي ملڪ، صوبن ۽ عوام جي خدمتون ڪريون. هن چيو ته وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي قيادت ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جيڪو ڪم ڪيو آهي ان جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي، سوين پوليس وارا شهيد ٿيا آهن. اسان کي پنهنجن ادارن جي ڪارڪردگي تي فخر آهي. هنن دهشتگردي جي وڏن وڏن ڪيسن ۾ ملوث جوابدارن جو پتو لڳايو. صحافي ولي بابر ۽ تحريڪ انصاف جي عورت اڳواڻ زهره شاهد جي قاتلن کي انهي پوليس گرفتار ڪيو آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم وارا اهڙي گفتگو نه ڪن جنهن سان ويڇا وڌن. حق عوام لاءِ هوندا آهن، سياسي جماعتن لاءِ ناهن هوندا. ڪراچي ۾ پشتو، بلوچي، سنڌي، پنجابي، سرائيڪي، اردو ۽ ٻيون زبانون ڳالهائيندڙ اسان جا ڀائر آهن. کين ورهايو نه وڃي ۽ نه ئي اسان ڀائرن کي ورهائڻ ڏينداسين. ايم ڪيو ايم وارا نان اشوز کي اشو ٺاهي ملڪ کي آزمائش ۾ نه وجهن. ويڙهه جي سازش ڪئي پئي وڃي پر اسان اها سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. اسان ايم ڪيو ايم جي ڀائرن کي چئون ٿا ته هو ڳالهين کي درگزر ڪن ۽ اچن گڏجي صوبي جي خدمت ڪريون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *