اهم شخصيت غفار ذڪري کي مارڻ جو چيو، سندس چوڻ تي اهم فارم هائوس ۽ زمينن تي قبضا ڪيا: عذير بلوچ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) لياري گينگ وار جي اهم ڪردار عذير بلوچ جاچ دوران اهم انڪشاف ڪيا آهن. سندس چوڻ آهي ته اهم شخصيت غفار ذڪري کي قتل ڪرڻ جو چيو. ان ئي شخصيت جي چوڻ تي قبضا ڪيا. عذير بلوچ موجب اهم شخصيت جي چوڻ باوجود غفار ذڪري کي قتل ڪرڻ کان انڪار ڪيو، سندس چوڻ تي اهم فارم هائوس ۽ زمينن تي قبضا

ڪيا.  جي آءِ ٽي موجب عذير بلوچ پنهنجي غير قانوني ڪاروبار لاءِ 4 اڪائونٽ کولرايا جن مان 3 هُن پنهنجي زال جي نالي تي کولرايا. عذير بلوچ جا يو اءِ اي ۾ 3  گاڏيون، 2 پلاٽ، ٻه گھر ۽ هڪ آفيس آهي. عذير بلوچ جا يو اي اي ۽ ايران ۾ 20 ڪروڙ رپين جا اثاثا آهن جن مان 15 لک رپيا بينڪن ۾ آهن. عذير بلوچ نثار مورائي لياري جي ڇوڪرن کي نوڪرين مان ڪڍيو. هن چيو ته لياري ۽ ٻين علائقن ۾ هر فيصلي تي 10 سيڪڙو حصو ملندو هو. لياري ۾ جوا جو هڪ اڏو منهنجو هو، هن چيو ته لياري ۾ تاجو اسان لاءِ ڀتو گڏ ڪندو هو جيڪو هن وقت پرڏيهه ڀڄي ويل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *