انجلي مينگهواڙ ڪيس: عدالت جوڙي کي گڏ رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، داخل ڪيس ختم ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڏهرڪي جي مسلمان ٿيندڙ پيار جو پرڻو ڪندڙ هندو ناري انجلي عرف سلميٰ بي بي کي مڙس رياض سيال حوالي ڪندي رياض سيال ۽ سندن ڀائرن تان اغواه جو ڪيس ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ، ڪيس جي ٻڌڻي اربع ڏينهن 14 جنوري تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سيد سجاد شاه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ٿي  گذري ٻڌڻي دوران عدالت حڪم ڏيندي چيو ته سلميٰ بي بي کي پناه شيلٽر هوم کان گهرائي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي عدالت ۾ سلميٰ بي بي پيش ٿي ته ڪيس جي ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي عدالت سلميٰ بي بي کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڪيڏانهن وڃڻ چاهيو ٿا سلميٰ بي بي چيو ته آءُ اسلام قبول ڪيو آهي ۽ مان مسلمان ٿي آهيان پنهنجي مڙس ڏانهن وڃڻ چاهيان ٿي عدالت هڪ ڀيرو ٻيهر ٻن ڪلاڪن لاءِ ٻڌڻي ملتوي ڪندي سلميٰ بي بي کي حڪم ڏنو ته هو اڌ ڪلاڪ اڪيلي ۾ پنهنجي مڙس رياض سيال ۽ پنهنجي پيءُ ڪندن ۽ پنهنجي ماءُ حليما سان ملاقات ڪري پوءِ عدالت هڪ ڪلاڪ سلميٰ بي بي کي ٻيو موقعيو ڏئي ٿي ته هو سوچي ڪري عدالت کي ٻڌائي ته هو ڪيڏانهن وڃڻ چاهي ٿي عدالت ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ٻڌڻي شروع ڪئي ته عدالت ۾ بيان ڏيندي سلميٰ بي بي چيو ته مان پنهنجي مرضي سان اسلام قبول ڪيو آهي ۽ آءُ مسلمان ٿي ڪري رياض سيال سان پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي آهي منهنجي مڙس ۽ ان جي ڀائرن تي ڪوڙا اغواه جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جيڪا ڪوڙا ڪيس آهن اهي ختم ڪيا وڃن ۽ اسان کي تحفظ ڏنو وڃي هن چيو اسان کي حق آهي اسان پنهنجي مرضي سان جيئڻ چاهيون ٿا پر ڪجھ پر نام نهاد عناصر اجايو واويلا ڪري اسان خلاف غلط پروڪينڊا ڪن پيا اهڙن ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي اسلام امن جو دين آهي جنهن ۾ آزادي ۽ حقوق ملن ٿا ، ڌرين جي بيانن کان پوءِ عدالت حڪم ڏيندي ڏهرڪي جي مسلمان ٿيندڙ پيار جو پرڻو ڪندڙ هندو ناري انجلي عرف سلميٰ بي بي کي مڙس رياض سيال حوالي ڪندي رياض سيال ۽ سندن ڀائرن تان اغواه جو ڪيس ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر کي حڪم ڏنو ته سلميٰ بي بي ۽ رياض سيال جا بيان ورتا وڃن ۽ سلميٰ بي بي کي پناه شيلٽر هوم اماڻيو وڃي جتي قانوني گهرجون پوريون ڪري سلميٰ بي بي کي شيلٽر هوم مان سندن مڙس حوالي ڪيو وڃي ، عدالتي فيصلي کان پوءِ سلميٰ بي بي جي پيءُ ماءُ ۾ روڄ راڻو عدالت ۾ رڙيون ڪندي روئيندا رهيا سلميٰ بي بي سندن هڪ نه ٻڌي ، هوڏانهن  سميت انجلي ڪماري مينگهواڙ  کي مسلمان ڪندڙ  درگاه عاليه ڀرچونڊي شريف جي گادي نشين جو صاحبزادو حضرت پير عبدالمالڪ عرف مجن شاه ۽ اڳوڻي ايم اين اي عبدالحق ميان مٺو جي جي فرزند ميان اسلم ڏهرڪي کان ڪراچي پهچي ويا آهن جيڪي اڄ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سلميٰ بي بي ، انجلي ۽ رياض سيال جي ٻڌڻي ۾ حمايت لاءِ ايندا ، عدالت ۾ انجلي ۽ رياض سيال جي حمايت ۾ ٻڌڻي کان پوءِ انجلي ڪماري جي پيءُ ماءُ ، هندو تنظيمن جي اڳواڻن سول سوسائيٽي جي نمائندن  سياسي ، سماجي ، مذهبي ۽ انساني حقوق جا نمائندا  ٻڌڻي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو انجلي جي عمر 12 سال کان گهٽ آهي تنهن ڪري انجلي مينگهواڙ جو زبردستي مذهب تبديل ڪري هن کي مسلمان ڪيو ويو آهي تنهن ڪري انجلي کي واپس والدين حوالي ڪيو وڃي ، جڏهن ڀرچونڊي شريف ڏهرڪي جي گادي نشين جي صاحبزادي حضرت پير عبدالمالڪ عرف مجن شاه  ۽ اڳوڻي ايم اين اي عبدالحق ميان مٺو جي جي فرزند ميان اسلم چيو آهي ته اسان ڪا به زبردستي نه ڪئي آهي اسلام ۾ زبردستي نه ڪئي ويندي آهي سلميٰ بي بي پاڻ پنهنجي مرضي سان  اسلام قبول ڪري مسلمان ٿي آهي ۽ اسلام قبول ڪرڻ لاءِ مذهب جي قيد نه  آهي . هنن چيو ته ڪجھ اين جي اوز ، سول سوسائيٽي وارا ، هندو تنظيمن جا اڳواڻ ، قوم پرست ۽ ڪجھ سياسي پارٽيون يهودي لابي سان ملي ڪري پئسن خاطر ۽ پنهنجي سياست چمڪائڻ لاءِ هندو مسلمان جو اشو ٺاهي اسان جي عظيم گادي درگاه عاليه ڀرچونڊي شريف کي بدنام ڪيو وڃي پيو هنن چيو ته ڀرچونڊي شريف ۾ روزانو هندو پنهنجي مرضي سان مسلمان ٿي رهيا آهن جن تي ڪا به زبردستي نه پئي ڪئي وڃي هنن چيو ته اهڙن نام نهاد تنظمن کي دعوت ڏيان ٿو ته هو ڏهرڪي اچي حقيقتن کان آگاهي وٺن پوءِ هي يهودي لابي لاءِ ڪم ڪن ، هنن چيو ته  هنن چيو ته ڏهرڪي ۽ گهوٽڪي ضلعي ۾ ٽي لک کان مٿي هندو رهن ٿا ۽ اسان جي درگاه ڀر چونڊي شريف سان گڏ رهڙڪي شريف ۾ هندن جي دنيا ۾ سب کان وڏي عبادت گاه آهي جتي عبادت ڪرڻ لاءِ سب هندو ڇوڪريون پيادل ، رڪشن تي ، ڪارن وغيره تي اينديون  آهن اتان اڄ تائين هڪ هندو ڇوڪري اغواه نه ٿي آهي هنن چيو ته هندو نياڻيون اسان جون نياڻيون  آهن اتي هنن  جي حفاظت اسان ڪندا آهيون جيڪو هڪ مسلمان جو فرض به آهي باقي جيڪو مرضي سان اسلام قبول ڪندو ته هن کي ڪا جهل پل نه آهي هنن چيو ته اسان عدالتي فيصلي تي مڪمل اعتماد ڪيون ٿا عدالتون آزاد آهن ، ياد رهي ته انجلي 29 سيٽمبر تي ڀرچونڊي شريف ڏهرڪي ۾ مسلمان ٿي 30 سيٽمبر تي صادق آباد جي عدالت ۾ رياض سيال سان شادي ڪئي ۽ 2 آڪٽومبر تي ڏهرڪي سول ڪورٽ ۾ پيش ٿي جتي سول جج ڏهرڪي انجلي مينگهواڙ ، سلميٰ بي بي کي دارالعمان سکر اماڻيو جتان رياض سيال جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي انجلي کي پناه شيلٽر هوم ڪراچي اماڻيو ۽ ڏهرڪي ۽ ڪراچي پوليس رياض سيال کي ڪراچي مان گرفتار ڪري پريڊي ٿاڻي تي رکيو هو .. جڏهن ته پهرين ڊسمبر تي سنڌ هاءِ جي ٻه رڪني بئنچ جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس سيد فاروق شاه سلميٰ بي بي وڪيل غلام قادر جتوئي پاران ڄاڻايل بئنچ تي بداعتمادي ڪرڻ تي ڪيس ڪنهن ٻئي بئنچ تشڪيل ڏيڻ لاءِ واپس چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ڏانهن اماڻي ڇڏيو هو ..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *