انتهاپسندي جو بنياد ختم ٿي چڪو، آپريشن ردرالفساد سان فتني کي هميشه لاءِ ختم ڪيو ويندو: صدر

اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا، پشاور (اين اين آءِ) آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت سڄي ملڪ ۾ 77هون يوم پاڪستان انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو اسلام آباد ۾ شاندار قومي پريڊ جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ ٽنهي هٿياربند فوج جا جٿا رينجرز پوليس ۽ چئني صوبن سميت آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ثقافتي جٿن تي پرفارمنس جو مظاهرو ڪيو ويو عورتن ۾ مردن سان گڏ پريڊ ۾ حصو ورتو پاڪستان جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن ۾ تقريبن جو انعقاد ڪيو ويو صبح جي شروعات اسلام آباد ۾ 31 ۽ صوبائي دارالحڪومت ۾ 21-21 توبن جي سلامي سان ٿيو فجر جي نمازن کان پوءِ مسجدن ۾ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ سلامتي امن لاءِ خاص دعائون گهريون ويون دهشتگردي جي خطري جي پيش نظر سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا تفصيل موجب يوم پاڪستان جي شروعات وفاقي گاڌي واري هنڌ ۾ 3 ۽ صوبائي گادي وارن هنڌن ۾ 21-21 توبن جي سلامتي سان ٿي اڄ کان 77 سال اڳ 1940 تي هن ڏينهن تي لاهور جي منٽو پارڪ ۾ مسلم ليگ جي ميڙ ۾ تاريخي قرارداد پاڪستان جي منظوري ڏني ويئي جنهن سبب ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن جي لاءِ هڪ جدا ملڪ جي قيام جي راهه هموار ٿي پاڪستان ۾ حڪومتي سطح تي هر سال 23 مارچ تي تقريبون ڪوٺايو ويندون آهن جڏهن ته فوجي پريڊ کي تقريبن ۾ وڏي اهميت حاصل آهي فوجي پريڊ ۾ سڀ کان پهريان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پهتو جنهن وڌيڪ مهمانن سان گڏ وزيراعظم نوازشريف جي آجيان ڪئي. تقريب جي مهمان خاص صدر ممنون حسين هو. تقريب ۾ وزيراعظم نوازشريف آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سميت هٿياربند فوج جي اڳواڻن بچاءُ واري وزير خواجه آصف سميت پارليامان جي ميمبرن ۽ وڌيڪ اڳواڻن ۽ مهمانن شرڪت ڪئي. پريڊ جي مهمان خصوصي طور تي صدر ممنون حسين هو تقريب جو باقاعده شروعات قومي تراني سان ڪئي ويئي جنهن کان پوءِ صدر ممنون حسين جيپ ۾ سوار ٿي هٿياربند فوج جي جٿن جو معائنو ڪيو ايئر چيف مارشل سهيل امان جي قيادت ۾ ايف 16 جهازن شاندار فلائي پاسٽ جو مظاهرو ڪندي صدر ممنون حسين کي سلامي ڏني صدر يوم پاڪستان جي تقريب ۾ شرڪت تي چين ترڪي ۽ سعودي عرب جي فوجي جٿن کي ڀليڪار چوندي چيو ته دوست ملڪن پاران فوجي جٿن کي موڪلڻ تي انهن جو ٿورائتو آهيان پريڊ جا جٿا دشمنن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکڻ واري ملڪ ۾ تيار ڪيل ناقابل شڪست الخالد ٽينڪ الرزا ٽينڪ بختربند گاڏيون جديد ويپن سسٽم ۽ جديد ريڊار ٽريڊ جو حصو هئا. الخالد ٽينڪ ڪيميائي ۽ ائٽمي حملي کان بچڻ جي صلاحيت رکي ٿي يوم پاڪستان جي روايتي پريڊ دوران ملڪ جي چئني صوبن پنجاب سنڌ ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان سميت گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي روايتي ثقافتي پريڊ به پيش ڪئي ويئي چئني صوبن پاران پيش ڪيل ثقافتي پريڊ ۾ جتي علائقائي ثقافت کي پيش ڪيو ويو اتي صوبي جي مشهور ۽ تاريخي هنڌن جا ماڊل به پيش ڪيا ويا آرمي ايويئيشن پاران ڪيل فلائي پاسٽ مارچ ۾ ڪوبرا، ڪوما، فينڪ ۽ ايم آءِ 17 سميت 19 هيليڪاپٽرن حصو ورتو. ياد رهي ته ڪوبرا هيليڪاپٽرن جو آپريشن ضرب سڌوسنئون ۽ ضرب عضب ۾ خاص ڪردار هو ان کان پوءِ فينڪ هيليڪاپٽرن پاران فلائي پاسٽ پيش ڪيو ويو اهي هيليڪاپٽر فوج پاران فوري چرپر ۽ آپريشن لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا آخر ۾ ايم آءِ 17 هيليڪاپٽرن پاران به فلائي پاسٽ جو مظاهرو ڪيو ويو مظاهري دوران ايئرفورس جي جهازن هوا ۾ رنگ اڇلائيندي پريڊ ايونيو مان ٻاهر ۽ هزارين ڪلوميٽرن جي اوچائي تي مظاهرو ڪيو انهن مظاهرن ۾ 6 جهاز شامل هئا. تقريب ۾ ايئرفورس جي ايف 16 ۽ پاڪ چين دوستي جي شاهڪار جي ايف 17 ٿنڊر به شاندار مظاهرو ڪيو آءِ ايس پي آر پاران تيار ڪيل نغمن تي اسڪول جي ٻارڙن شاندار پرفارمنس جو مظاهرو ڪري شوقينن جي دل کٽي ورتي. يوم پاڪستان جي موقعي تي مزار اقبال تي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب ڪوٺائي ويئي جنهن دوران ايئرفورس جي ڦڙٿ جٿن علامه اقبال کي سلامي پيش ڪئي ۽ شاندار پرفارمنس جو مظاهرو ڪيو گارڊ تبديلي جي تقريب جو مهمان خاص ايئرفورس جو ايئر ڪموڊور سلمان محبوب هو. تقريب دوران ايئرفورس مزار اقبال جون ذميواريون سنڀالي ورتيون.صدر ممنون حسين چيو آهي ته انتهاپسندي جو دور ويو آپريسن ردالفساد سان فتني کي هميشه لاءِ ڪچليو ويندو غازي ۽ شهيدن جي قرباني پاڪستان کي وڌيڪ محفوظ بڻايو ملڪ جي ترقي ۽ سلامتي لاءِ ڪنهن به قرباني کان پوئتي نه هٽنداسين ڀارت پاران سيز فائر جون مسلسل خلاف ورزيون جاري آهن پاڪستان ڪشميري ڀائرن جي اخلاقي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو ڀارت سان ڳالهين جي لاءِ تيار آهيون خميس تي شڪر پڙيان پريڊ اوينيو گرائونڊ ۾ يوم پاڪستان جي پروقار تقريب جي موقعي تي صدر ممنون حسين خطاب دوران يوم پاڪستان تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اڄ جو ڏينهن ان عزم کي ياد ڏياري ٿو جڏهن قوم کي هڪ واضح سڃاڻپ ملي هئي اڄ جو ڏينهن جو اهو عزم جيڪو يقين ۾ تبديل ٿيو ته ان جي طاقت برصغير جي مسلمانن کي قائداعظم جي قيادت ۾ هڪ اهڙي قوت عطا ڪري ڇڏي جنهن جي جمهوري جدوجهد جي نتيجي ۾ دنيا جي تاريخ ۽ جاگريافيائي ٻئي تبديل ٿي ويون هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ سان قوم کي واضح نظرياتي سڃاڻپ ملي ملڪ جي ترقي ۽ سلامتي لاءِ ڪنهن به قرباني کان پوئتي نه هٽنداسين. هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته پاڪستان جي معيشت مضبوط ٿي آهي هن چيو ته اسان سڄي دنيا خاص طور تي پنهنجي پاڙيسرين سان دوستي چاهيون ٿا پر ڀارت جو اهڙو عمل ۽ ان پاران لائين آف ڪنترول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي مسلسل خلاف ورزي جي واقعن کي خطي جي امن کي داءُ تي لڳايو آهي دهشتگردن جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سيڪيورٽي فورسز جانين جون قربانيون ڏنيون آهن آپريشن ردالفساد تحت ڪارروايون بچيل سچيل دهشتگردن جي ختم ٿيڻ تائين جاري رهندي. هن چيو ته خوشي آهي ته پريڊ ۾ پيپلز لبريشن آرمي چين جو فوجي جتو به پهريون ڀيرو سامل ٿيو آهي پاڪستاني فوج کي پيغام ڏنو ته بهادر جوان انهيءَ جوش ۽ جذبي سان پاڪستان جي حفاظت ڪندا رهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *