اليڪشن ڪميشن وزير اعظم جي ڏنل چونڊن جي تاريخ مان غير مطمئن، 15 جولاءِ تي اليڪشن ڪرائڻ ناممڪن آهي: اي سي پي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) کي ذرو به اندازو نه هو ته وزير اعظم شاهد خاقان عباسي کي ايندڙ عام چونڊن لاءِ 15 جولاءِ 2018ع جي تاريخ ڪنهن ٻڌائي، ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشڻ 15 جولاءِ تي عام چونڊون ڪرائڻ واري معاملي ۾ غير مطمئن نظر اچي رهي آهي. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب ان معاملي ۾ ڪميشن سان صلاح ڪئي وئي ۽ نه ئي ان کي اها خبر آهي ته وزير اعظم اليڪشن جي تاريخ جو اعلان ڪيئن ڪري ڇڏيو. قانون جي تحت، اليڪشن ڪميشن ان معاملي تي سمري پيش ڪندي، جنهن کان پوءِ ملڪ جو صدر اليڪشن جي تاريخ جو اعلان ڪندو. ذريعن وضاحت ڏني آهي ته جيسيتائين اسيمبليون ايندڙ سال مئي جي وچ تائين وقت کان ختم نٿيون ڪيون وڃن، ان وقت تائين اي سي پي لاءِ 15 جولاءِ تي اليڪشن ڪرائڻ ناممڪن آهي. موجوده قومي اسيمبلي ۽ حڪومت جو مدو پهرين جون 2018ع تي ختم ٿيندو. جيڪڏهن اسيمبلين کي وقت کان پهرين ٽوڙيو نه ويو ته ايندڙ چونڊون 60 ڏينهن جي اندر ڪرائڻيون پوندو يعنيٰ پهرين آگسٽ 2018ع تي مدي جي پڄاڻي تائين. وزير اعظم چيو آهي ته حڪومت پنهنجو مدو مڪمل ڪندي ۽ ائين حڪومت جو مدو جون 2018ع تي ختم ٿيندو جڏهن ته ايندڙ چونڊون 15 جولاءِ تي ٿينديون. اي سي پي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اسيمبلين جي مدي جي پڄاڻي تي ڪميشن جولاءِ 2018ع جي ڪنهن به تاريخ تي اليڪشن ڪرائڻ جي تجويز پيش ڪري سگهي ٿو. اميدوارن جي حتمي فهرست مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڪميشن کي 21 ڏينهن گهربل هوندا جيئن پرنٽنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان مان بيلٽ پيپر ڇپرائي سگهجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *