الله پاڪ هر مصيبت کانپوءِ خوشي ضرور ڏئي ٿو: زارا نور

الله پاڪ هر مصيبت کانپوءِ خوشي ضرور ڏئي ٿو: زارا نور

ڪراچي (شوبز نيوز) باصلاحيت اداڪارا زارا نور عباس چيو آهي ته الله هر مصيبت کانپوءِ خوشي ضرورت ڏئي ٿو ۽ شايد اهو ئي اسان جي لاءِ بهتر آهي.هڪ انٽرويو دوران زارا نور عباس پنهنجي زندگي جي سڀ کان ڏکئي دور جي حوالي سان ڳالهايو.زارا نور عباس پهريون ڀيرو پنهنجي ٻار ۽ ان جي لاڏاڻي بابت ٻڌايو ته سندس ٻار پيدائش کان ڪجهه گهڙين بعد لاڏاڻو ڪري ويو هو، جنهن جو صدمو پهتو.هن پنهنجي ان دور بابت ٻڌايو ته اسان کي خبر ناهي هوندي ته الله اسان کي ڇا ڏئي ٿو ۽ اسان کان ڇا وٺي ٿو پر جڏهن اسان پنهنجي زندگي ۾ نقصان ڏسون ٿا ته ائين لڳي ٿو ته جيئن سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي.سندس چوڻ هو ته اڳتي هلي الله پاڪ اسان جي دماغ ۽ دلين ۾ اهڙيون شيون وجهي ٿو يا وري اهڙي صورتحال پيدا ٿئي ٿي جو قدرتي طور تي اوهان جو ذهن ڪجهه ٻيو سوچڻ لڳي ٿو، زندگي ۾ ٿيل نقصان اهي هوندا آهن، جن مان اوهان ڪڏهن نه نڪري سگهو پر هر ڏک کانپوءِ هڪ خوشي آهي ۽ ان تي اسان سڀني کي يقين رکڻ گهرجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *