الطاف حسين جو را سان تعلق پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي: عمران خان جو انڪشاف

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان انڪشاف ڪيو آهي ته هن پنهنجي ڀارت جي دوري وقت متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ الطاف حسين ۽ را وچ ۾ تعلق پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي هڪ انٽرويو ۾ عمران خان ٻڌايو ته 2003 ۾ هن نئين دهلي ۾ ڀارتي اخبار هندستان ٽائيمز پاران هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي جتي الطاف حسين کي به گهرايو ويو هو عمران خان ٻڌايو ته تقريب جي وقت اتان جي هڪ صحافي کيس ٻڌايو ته الطاف حسين کي را جي چوڻ تي گهرايو ويو آهي۽ ان موقعي تي دهلي جي روڊن تي الطاف حسين جون تصويرون به لڳايون ويون هيون ڪراچي ۾ امن امان جي خراب صورتحال جي حُالي سان ڳالهائندي عمران خان چيو ته ڪراچي جي مسئلن جو حل رينجرز نه پر پوليس آهي ۽ جيستائين پوليس کي سياست کان پاڪ نه ڪيو ويندو ان وقت تائين حالتون بهتر نٿيون ٿي سگهن هن خيبرپختونخواهه صوبي جي پوليس جو مثال ڏيندي چيو ته حڪومت کي گهرجي ته هو پوليس ۾ ميرٽ تي ڀرتيون ڪري ۽ سفارش جو سسٽم ختم ڪري عمران خان چيو ته پوليس هڪ اهڙو ادارو آهي جيڪو امن قائم ڪري سگهي ٿو ڇو ته هر ٿاڻي کي خبر هوندي آهي ته ان جي علائقي ۾ ڪهڙيون سرگرميون ٿي رهيون آهن سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي عمران خان چيو ته سنڌ ۽ خاص طور تي ڪراچي جي پوليس کي سڀني گڏجي تباهه ڪري ڇڏيو آهي عمران خان جڊيشل ڪميشن جي مدي ۾ واڌ کي سٺو سوڻ ڪوٺيندي چيو ته ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ وڌيڪ هڪ مهيني تائين انتظار ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *