اعليٰ عدالت به چئي چڪي آهي ته پاناما ڪيس ڪرپشن جو آهي ئي نه: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاناما ڪرپشن جو ڪيس ناهي، اعليٰ عدالت به اها ڳالهه چئي چڪي آهي، حقيقت ۾ ڪيس ان تماشي جو هو، جيڪو مخالف ڌر لڳائڻ پئي چاهي. مملڪتي وزير  مريم اورنگزيب چيو ته ٽيون ڀيرو چونڊيل وزيراعطم عوام لاءِ آخري وقت تائين وڙهندو رهندو، وزيراعظم جي خلاف ڪيس ڪرپشن جو نه پر اقتدار جو هوس جو هيو. اميد آهي ته پاڪستان جي اعليٰ عدليا تماشو ڪرڻ وارن جي درخواست رد ڪندي. عمران خان جي شڪل ۾ سازشن جي ٽولي کي پاڪستان جي عوام به رد ڪندي. عمران خان ٽن عدالتن مان فرار آهي. خميس تي ميڊياسان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيوته پاناما ڪيس ۾ درخواست ڪندڙ ڪرپشن مني لانڊرنگ ۽ اثاثا لڪائڻ جا الزام لڳايا جڏهن ته ڪيس اتي ئي بيٺو آهي ۽ سپريم ڪورٽ توثيق ڪري چڪي آهي، ٻڌڻي ڪيل ڪيس ڪرپشن جو آهي ئي نه. هن چيوته عدالت توثيق ڪئي ته وزيراعظم تي ڪنهن اقتدار جي دور تي ڪرپشن ثابت نه ٿي، هن پنهنجي ڪنهن به دور ۾ اختيارن جو غلط استعمال نه ڪيو، هن چيو ته مخالف پاناما ڪيس کي سياسي حساب سان استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم 50 سال پراڻو حساب ڏئي رهيو آهي، جنهن پاڻ کي قانون جي اڳيان پيش ڪيو، جڏهن وزيراعظم سپريم ڪورٽ ۾ عوامي ميڊٽ، ملڪي ترقي، دهشتگردي جي خاتمي ۽ سي پيڪ منصوبي جو ڪيس پاڪستان جي عوام لاءِ وڙهي رهيو آهي.  هن چيو ته بني گالا ۾ ويٺل شخص جي ذهني حالت تي ڳڻتي آهي، ڪي پي ڪي ۾ احتساب ڪميشن کي لڳائيندڙ تالو عمران خان کي پنهنجي منهن تي وات بند ڪرڻ لاءِ کڻڻ گھرجي، هن چيو ته جي آئي ٽي جي خلاف جيڪي خدشا پهرين هيا هاڻي به آهن.  هن چيو ته مخالفن جي پيش ڪيل بنا تصديق جي دستاويزن کي ڪوڙو ثابت ڪنداسين

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *