اصغر خان ڪيس، هڪ سب ڪميٽي ٺاهي حڪومت ڀڄي وئي: چيف جسٽس

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾ اصغر خان ڪيس جي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل اشتر اوصاف جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته حڪومت هڪ ذيلي ڪميٽي ٺاهي ڀڄي وئي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني خاص بئنچ لاهور رجسٽريءَ ۾ اصغر خان فيصلي تي عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش نه ٿيو سندس جاءِ تي ڊپٽي اٽارني جنرل عدالتي ڪمري ۾ موجود هو. ٻڌڻي جي شروعات تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪهڙو فيصلو ٿيو. ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته ڪابينا هاڪاري فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ اٽارني جنرل پيش ٿي عدالت کي آگاهه ڪندو. اشتر اوصاف جي پيش نه ٿيڻ تي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ايترو اهم ڪيس لڳل آهي پر اٽارني جنرل کي پرواهه ئي ناهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته وفاقي ڪابينا اصغر خان ڪيس عملدرآمد جي معاملي تي ڪو فيصلو نه ڪيو آهي، ڪيترن ئي سالن کان ڪيس پيل آهي، ڇا ڪابينا جو اهو ئي ڪم هوندو آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته هڪ سب ڪميٽي ٺاهي حڪومت ڀڄي وئي. ٻڌڻي کانپوءِ عدالت اٽارني جنرل اشتر اوصاف کي سڀاڻي طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. چيف جسٽس ثاقب نثار واضح ڪيو آهي ته ڪنهن کي غلط فهمي نه هئڻ گهرجي، چونڊون 25 جولاءِ تي ئي ٿينديون، چونڊن ۾ دير نه ٿيڻ ڏينداسين. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽريءَ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ اليڪشن ڪميشن جي ضابطا اخلاق تي عملدرآمد لاءِ درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. مشهور قانوندان بلال حسن منٽو درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن ضابطا اخلاق جاري ڪيو جنهن تحت چونڊن ۾ خرچن جي حد مقرر ڪئي وئي ته جيئن عام شهري به چونڊن ۾ اميدوار طور حصو وٺي سگهن. درخواست ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي ضابطا اخلاق تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو وڃي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار واضح ڪيو ته عام چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون ۽ ڪنهن کي غلط فهمي نه هئڻ گهرجي، چونڊن ۾ دير ٿيڻ نه ڏني ويندي. عدالت ضابطا اخلاق تي عملدرآمد لاءِ درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *