اسپيڪر سنڌ اسيمبلي “ميان موٽو“ لڳو پيو آهي، وڏو وزير اجلاس ۾ صرف پنهنجي تعريف ڪري هليو ويو: خواجا اظهار

ڪراچي (اين اين آءِ) ايم ڪيو ايم اعلان ڪيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ منظور ڪيل لوڪل گورنمينٽ جي ترميمي بل کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو ويندو ۽ سينٽرل جيل ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي قيد ٿيل ڪارڪنن تي دٻاءُ وجهڻ ۽ همدردي تبديل ڪرائڻ جاري عمل خلاف سي ايم هائوس ۽ سينٽرل جيل ٻاهران ڌرڻو هنيو ويندو. حڪومت پنهنجي نااهلي کي لڪائڻ لاءِ ٻين مٿان ذميواري وجهي رهي آهي اهو اعلان ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ مخالف ڌر اڳواڻ خواجا اظهارالحسن ۽ ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي پارلياماني ليڊر فيصل علي سبزواري سومر تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. اپوزيشن ليڊر چيو ته اڄ ايوان ۾ وڏي وزير وفاقي حڪومت ۽ ميڊيا تي سيوهڻ شريف واقعي جي حوالي سان ذميواري ۽ تنقيد ڪري پنهنجي فرضن کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي هو ايوان مان ته هليو ويو اسان اتي ان موضوع تي ڳالهه ڪرڻ چاهيون پيا. پهريان چاچا جي حڪومت هئي ۽ هاڻي ڀائيٽو وڏو وزير آهي، حڪومت جو ڪو به حال ناهي. ٿر ۾ ٻارڙا مري رهيا آهن وڏو وزير ۽ ان جي قيادت صرف پنهنجن تعريفن ۾ پورا آهن سندن ڪارڪردگي زيرو آهي. اڄ ايوان ۾ اسپيڪر به حڪومت جي اڳيان مجبور ٿي ويو ۽ گوڏا کوڙي ڇڏيا. اڄ هڪ آمراڻي ترميم منظور ڪرڻ لاءِ اجلاس گهرايو ويو اسان ان کي رد ڪيون ٿا. اسان سنڌ جي گورنر کي خط لکنداسين ته ان بل کي منظور نه ڪري ۽ عدالتي ۾ لوڪل گورنمينٽ جي ترميمي بل کي چئلينج ڪنداسين. هن سنڌ جي وڏي وزير تي ڇتي تنقيد ڪندي ۽ چيو ته حڪومت وٽ جيڪو هيليڪاپٽر آهي اهو صرف اچڻ وڃڻ ۽ پنهنجي آرام لاءِ بيهاري ڇڏيو آهي. هن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته هو سيوهڻ شريف واقعي جي حوالي عدالتي ڪميشن جوڙي ۽ امداد ان ڪميشن جي نگراني ۾ ورهايو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *