اسان جي ساک کي نقصان پهتو، وزيراعظم ان جو ازالو ڪري: فاروق ستار

اسلام آباد (بيورو) متحده قومي موومينٽ جي وفد وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ ان کي پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪيو ملاقات کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار جو چوڻ هو ته قانون لاڳو ڪندر ادارن جي ڪارروائي ۾ ڪابه رڪاوٽ ناهي وڌي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان هميشه تعاون رهيو آهي متحده ڪالهه به آپريشن ۾ تعاون ڪري رهي هئي ۽ اڄ به ڪري رهي آهي فاروق ستار جو چوڻ هو ته ڪراچي آپريشن ۾ متحده جي 200 ميمبرن کي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ماريو ويو جڏهن ته گذريل ستن سالن ۾ 12 سئو ڪارڪنن کي ماريو ويو عدالت کان مٿانهن قتلن تي احتجاج اسان جو حق آهي، ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته نائن زيرو کي ڏوهاري ماڻهن جو مسڪن ثابت ڪرڻ جي ڪوشش جي مذمت ڪريان ٿو ان تاثر کي رد ڪريان ٿو ته نائن زيرو تي ڪنهن ڏوهاري کي رکيو آهي اسان جي ميڊيا ٽرائل جو مخالفن کي موقعو ڏنو ويو نائن زيرو جي آس پاس ۾ ڪي ڏوهاري هئا ته انهن کي گرفتار ڪرڻ گهرجي ها، الطاف ڀاءُ جي پوري زندگي جي محنت داءُ تي لڳل آهي اسان جي ساک کي نقصان پهتو آهي وزيراعظم ان جو ازالو ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *