اسان جمهوريت کان شروع ٿياسين ۽ بادشاهت ڏانهن هليا وياسين، وزير اعظم جو ڪم رڳو الزام هڻڻ آهي:عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن مان ڪا غلطي ڪري رهيو آهيان ته وزيراعظم الزام لڳائڻ بجاءِ مون کي گرفتار ڪري هن چيو ته جمهوريت جيتري وڌيڪ بهتر هوندي ملڪ ايترو ئي وڌيڪ خوشحال ٿيندو. مسلمانن جي زوال جي سب کان وڌيو وجهه بادشاهت هئي. پرڏيهي ملڪ ۾ فليٽ وڪرو ڪرڻ کان پوءِ سمورو پ ئسو پاڪستان کڻي آيم ۽ سڀ ڪجهه منهنجي نالي تي آهي هن چيو ته وزيراعظم جي تقرير مايوس ڪندڙ هئي. فوري طور تي پانامه پيپلرز تي ڪاميٽي جوڙي وڃي ۽ وزيراعظم پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري عمران خان چيو ته جيستائين ڪرپشن ختم نه ٿيندي ملڪ اڳتي نه وڌي سگهندو جيڪڏهن اپوزيشن تنقيد ڪري ته پارليامينٽ جي ضرورت نه آهي اگر وزيراعظم نوازشريف پنهنجو پاڻ کي احتساب لاءِ پيش نه ڪيو ته تحريڪ انصاف روڊن تي نڪرندي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اسان وزيراعظم کان سوال پڇيا هئا ۽ فيصلو ڇا هو جيڪڏهن ان جواب نه ڏنا ته اسان واڪ آئوٽ ڪنداسين جيڪو اسان ڪيو هن چيو ته وزيراعطم پنهنجي تقرير ۾ بني گالا جي ترز زندگي محل ۽ هيليڪاپٽرن جي آمد رفت تي اعتراض ڪيا ته پوءِ ڇا ان جو جواب به اسان ڏيون. ڇا اهو منهنجو ڪم آهي جيڪڏهن مون ڪرپشن ڪئي آهي ته جاچ ڪئي وڃي ۽ مون کي گرفتار ڪيو وڃي هن چيو ته جيتري بهتر جمهوريت هوندي آهي ايترو ملڪ خوشحال ٿيندو آهي. پر مسلمانن جي زوال جو سڀ کان اهو سبب بادشاهت هو. هن چيو ته جمهوريت ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن هونديون آهن حڪومت جو ڪم قانون بنائڻ هوندو آهي جڏهن ته اپوزيشن جو ڪم عوام جو پئسو غلط استعمال ٿئي ته هو ان تي تنقيد ڪري هن چيو ته جڏهن اسان ڌانڌلين جي ڳالهه ڪيون ٿا ته اسان مٿان سازش جا الزام لڳايا وڃن ٿا جيڪڏهن پانامه پيپرز تي سوال ڪيون ٿا ته شوڪت خانم تي حملو ڪيو وڃي ٿو. پنهنجي آف شور ڪمپني جي انڪشاف کان پوءِ لڳندڙ ڪرپشن جي الزامن جي وضاحت ڪندي عمران خان چيو ته هو برطانيا جو شهري نه هو ته ان جو اڪائونٽ ڪٿان آيو. عمران خان واضح ڪيو ته مون پنهنجي سموري ڪرڪيٽ ڪيريئر دوران ڪڏهن به ڪرپشن يا ميچ فڪسنگ نه ڪئي ۽ ڪڏهن به پنهنجي جائداد يا لنڊن وارو فليٽ نه لڪايو هن آڇ ڪئي ته جن ٽي او آرز تي وزيراعظم جو احتساب ڪرڻو آهي ان تي منهنجو به ڪيو وڃي جڏهن ته ان سان گڏوگڏ هن شوڪت خانم اسپتال جو مڪمل رڪارڊ به چيڪ ڪرڻ جو چئلينج ڪيو. هن شريف ڀائرن جي شگرملز ۽ اسٽيل ملز تي تنقيد ڪندي چيو ته جيڪڏهن مان ڪينسر استپال ٺاهي سگهان ٿو ته مان شگر ملز به ٺاهي سگهان ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *