ارباب غلام رحيم سنڌ ۾ مارشل لا لاڳو ڪرڻ واري الطاف حسين جي مطالبي جي حمايت ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم، سنڌ ۾ مارشل لا لاڳو ڪرڻ واري الطاف حسين جي بيان جي حمايت ڪندي چيو آهي ته صوبي ۾ نالي ماتر جمهوريت آهي، انڪري ٻيو ڪو نظام اچڻ کپي. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ارباب غلام رحيم چيو ته سنڌ ۾ نالي ماتر جمهوريت آهي،جنهن سان عوام کي ڪجهه به ناهي مليو. هن چيو ته هــُو سنڌ ۾ مارشل لا لاڳو ڪرڻ واري متحده سربراهه الطاف حسين جو مطالبو صحيح آهي. ارباب غلام رحيم چيو ته مارڪٽ وارو زمانو هاڻي گذري ويو، هــُو سنڌ حڪومت جي ڀرپور مخالفت ڪندا. هن چيو ته سنڌ اسيمبليءَ کي به جمهوري طريقي سان نه ٿو هلايو وڃي، اسپيڪر کين ڪمند جي معاملي تي ايوان ۾ ڳالهائڻ جي اجازت نه ٿو ڏي. هن چيو ته ٿر ۾ ٻارڙن جي موت جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ اپوزيشن طرفان ڌار ڪميٽي جوڙي ويندي، جيڪا سموريون حقيقتون سامهون آڻيندي. ارباب غلام رحيم جو وڌيڪ چوڻ هو ته خورشيد شاهه، رحمان ملڪ، راجا پرويز اشرف ۽ اويس مظفر پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ساڻس ملاقاتون ڪيون، پر هن انڪار ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *