اتر وزيرستان ۾ آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جاري، ڪاروائي ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا

دتا خيل (م.ڊ) پاڪ فوج جو دهشتگردن جي خاتمي لاءِ آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جاري آهي، پاڪ – افغان سرحد ويجهو دتا خيل ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا ، آئي ايس پي آر مطابق اتر وزيرستان جي علائقي دتاخيل ۾ دهشتگردن کي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ويڙهاڪ مارجي ويا ۽ سندن ٿاڪ تباهه ٿي ويا. آئي ايس پي آر مطابق اتر وزيرستان ۾ ضرب عضب سان گڏ سرچ آپريشن جو سلسلو به جاري آهي، هن وقت تائين ڪيترائي علائقا دهشتگردن جي قبضي مان ڇڏايا ويا آهن، جڏهن ته فوسز جي ڪاررواين ۾ سوين دهشتگرد مارجي چڪا آهن، جن ۾ گهڻائي پرڏيهي ويڙهاڪن ۽ آپگهاتي بمبارن جي آهي. آئي ايس پي آر جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ملڪ مان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *