اتر وزيرستان ۽ بنون ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 12 دهشتگرد مارجي ويا

اُتروزيرستان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 9 ۽ ايف آر بنون ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ٽانڪ ۾ پوليٽيڪل تحصيلدار ريموٽ ڪنٽرول بم حملي ۾ بچي ويو آهي. اتر وزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 9 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 13 زخمي ٿي پيا. پوليٽيڪل اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪارروائي اتر وزيرستان جي علائقي دتا خيل جي شيراني خيل ۾ عمل ۾ آندي وئي، جنهن ۾ دهشتگردن جا پنج ٺڪاڻا به تباهه ٿي ويا آهن. ايف آر بنون دريوبه جي خادم شهيد چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ فورسز جي ڪارروائي ۾ ٽي دهشتگرد مارجي ويا آهن. ايف آر بنون جي خادم شهيد چيڪ پوسٽ تي هٿياربندن حملو ڪيو، جنهن ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو. فورسز جي جوابي فائرنگ ۾ ٽي دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته فرار ٿيندڙ هڪ دهشتگرد کي علائقي واسين پڪڙي سڪيورٽي فورسز حوالي ڪري ڇڏيو. ٽانڪ ۾ ريموٽ ڪنٽرول بم وسيلي پوليٽيڪل تحصيلدار محمد زمان جي گاڏيءَ کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ هو محفوظ رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *