اتحادين ۾ ڪڏهن به ڪنهن کي شوڪاز ناهي ٿيندو اسان کي شوڪاز ڏنو ويو: پيپلز پارٽي

لاهور (اين اين آءِ) پيپلزپارٽي پنجاب جي صدر قمرزمان ڪائره چيو آهي ته پنجاب حڪومت جي نااهلي جو ثبوت آهي ته سڄي ملڪ ۾ چوڪ بند آهي پهريان ان هڪ جماعت سان معاهدو ڪيو پوءِ انڪار ڪري ڇڏيو احتجاج جي اسان حق ۾ آهيون پر تسدد جي حق ۾ نه آهيون اسان استعيفا ڏيئي ڇڏي آهي، گروپ ۾ رهون نه رهون جهانگير ترين سان اسان جا رابطا نه آهن (ن) ليگ تلخ ڳالهيون ڪندي رهي ان جو احترام ڪيون ٿا شاهد خاقان عباسي چوي ٿو ته پيپلزپارٽي جواب ڏي شوڪاز جاري ڪيو آهي مولانا فرمايو ته شاهد خاقان جي جواب لاءِ پي ڊي ايم ۾ اچڻ گهرجي ها جيڪڏهن خط ۽ شوڪاز ميڊيا کان مليا ته جواب به ميڊيا سان ملڻ گهرجي مولانا اسان کان وضاحت طلب ڪري رهيو آهي. اوهان سمورين تحريڪن جو حصو رهيا آيو ميان صاحب اي آر ڊي کي ٻڌائڻ بنا ٻاهر هليو ويو هو ڪوئي شوڪاز ناهي جاري ڪيو زبير صاحب ٻه ڀيرا آرمي چيف سان مليو، مولانا نهايت نامناسب ڳالهه ڪئي ته باپ کي باپ نه بڻجڻ گهرجي. مان اميد ڪري رهيو آهيان ته اوهان پنهنجا لفظ واپس وٺو، اتحادن ۾ ڪڏهن به ڪنهن کي شوڪاز ناهن ٿيندا اسان کي شوڪاز ڏنو ويو اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي، پارليمان کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو گذريل مالي سال ۾ حڪومت جو گروٿ 2س يڪڙو آهي هڪ مهيني جو ٽريڊ خسارو 3 ارب ڊآلر جو آهي، ڦٽي، کنڊ، ڪڻڪ، امپورٽ ٿي رهي آهي پاليسي ڇا آهي اوهان جي هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جيڪا بئنڪن جي بئنڪ آهي عوامي فورم جي پهچ کان ٻاهر وڃي رهي آهي ۽ عالمي ادارن جي مرضي سان ڪم ڪندي اسان جي دور ۾ حفيظ شيخ رهيو ۽ آءِ ايم ايف به هو ماڻهن جون پگهارون ڏيڍ سئو سيڪڙو وڌايون پاڪستاني مالي خودمختياري تي سمجهوتو آهي هي آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ تي هلندا اسان ان کي تسليم نٿا ڪريون. پ پ جو ڪشميرين سان ٽن نسلن جو رشتو آهي سليڪٽڊ چوندو هو ته مودي کٽي وڃي ته ڪشمير جو مسئلو حل ٿي ويندو شايد اهو ئي چاهي پيو هي پ پ جي سي اي سي جي ميٽنگ ۾ ملڪي معيشت ۽ عوامي ڏکيائين جو ذڪر ڪيو ويو پي ٽي آءِ جا پويان آءِ ايم ايف جا معاهدا گهٽ نه هئا جو هزار ارب جا نوان معاهدا ڪري ورتا آهن اسان اين اين پي سان گڏ آهيون ننڍي وڏي ڪائي جماعت ناهي ٿيندي مولانا سب جماعت آهي پيپلزپارٽي هن ملڪ جي وڏي جماعت آهي اسان سڀني سان هلڻ چاهيون ٿا اسان دنيا جي واحد بيحس حڪومت آهي جيڪا ڪرونا ويڪسين امپورٽ نه پئي ڪري هن ملڪ جو صحت جو وزير وزيراعطم آهي ٻڌائي ته 10 ڊالر جي ويڪسين 39 ڊالر جي ڇو ملي رهي آهي سپريم ڪورٽ ان جو نوٽيس وٺي هن چيو ته اسان استيعفا ڏيئي ڇڏي آهي گروپ ۾ رهون نه رهون جنهن صاحب گروپ مان ڪڍيو آهي لڳي ٿو ته مسلم ليگ لنڊن کي اسان کي گروپ مان ڪڍڻ جي ڪافي تڪڙ آهي هن چيو ته جهانگير ترين سان اسان جا ڪي به رابطا نه آهن. هن چيو ته اسان پي ڊي ايم ٺاهي هئي ان جو فورم جوڙي ڇڏيو هو ان جو چارٽر 26 پوائنٽن تي ٻڌل هو فيصلو ٿيو هو ته اتفاق راءِ سان فيصلو ٿيندو پيپلزپارٽِ هر معاهدي سان گڏ بيٺي آهي اسان ان جي هڪ هڪ لفظ جي حفاظت ڪري رهيا آهيون چيو ويو ته سڀني سان هارين، واپارين سان رابطا ڪيا وڃن ڪنهن هڪ سان به رابطو نه ڪيو ويو اسان کي چيو ويو ته بي اعتمادي رٿ ڪيئن آڻجي اسان وٽ نمبر نه اهي اسان 172 ووٽ کنيا ان سان وزيراعطم بڻجي ٿو يا ڪري ٿو اسان کي چيو ويو ته استعيفا ناهي ڏيڻي ته لانگ مارچ جو فائدو ڪهڙو اسان گذارش ڪئي ته جيستائين يوسف رضا گيلاني جو سينيٽ چيئرمين جو فيصلو نه ٿيندو ان کي سينيئر سمجهو چون ٿا ته اسان حڪومت کان ووٽ ورتا آهن اسان چيو ته حڪومت کان ووٽ ورتا آهن جماعت اسلامي کي گار نه ڏيو اها حڪومت جو حصو نه آهي هن چيو ته سينيٽر دلاور (ن) ليگ جو سينيٽر آهي اوهان ان کي ڪڍو (ن) ليگ مان ان سان گڏ 3 سينيٽر آيا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *