آمريڪي صدر ٽرمپ جو ڀارت ۾ اٿي بيهي پاڪستان سان دوستي جو اظهار هڪ وڏي اڳڀرائي آهي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ جو ڀارت ۾ اٿي بيهي پاڪستان سان دوستي جو اظهار هڪ وڏي اڳڀرائي آهي، هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڀارت ۾ بيهي ٽرمپ جو دهشتگردي جي خلاف اسان جي مثبت ڪردار جو اعتراف ڪرڻ سان ڀارتي موقف دفن ٿي ويو، هن چيو ته ٽرمپ جو بيان امن قائم ڪرڻ لاءِ اسان جي ڪوششن جو ثبوت آهي، فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مودي خطي ۽ ڀارت ۾ نفرت، تعصب ۽ جنگ جي باهه ڀڙڪائڻ بدران دوستي جي پيغام ۽ ان جي طاقت کي سمجهي، هن چيو ته آمريڪي صدر جي موجودگي ۾ شهريت بل تي احتجاج ڪندڙن تي تشدد سڄي دنيا کي حقيقت کان آگاهه ڪري رهيو آهي، هن چيو ته دنيا ڏسي ڇڏيو ته تعصب، انتهاپسندي ۽ جنگي جنون جي ذهني بيماري ۾ ڪير وڪوڙيل آهي، هن چيو ته دنيا جون علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ اسان جي ڪوششن جو اعتراف پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو مظهر آهي، هن چيو ته ڪشمير جو مسئلو هڪ حقيقت آهي، اميد آهي ته صدر ٽرمپ ڪشمير جي مسئلي تي ضرور ڳالهائيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *