آفيسرن ۽ اهلڪارن 15 لک ڀنگ وٺي نوجوان کي حيدرآباد ۾ ڦٽو ڪيو

ميرپورخاص (مختيار ڪيريو) ميرپورخاص پوليس جا سابق پوليس آفيسر ۽ اهلڪار
اغوا برائي تاوان ۾ ملوث نڪتا هڪ مهينو اڳ شهر جي مدهو شاه ڪالوني مان
کنڀيل نوجوان سيد ذوهيب شاه 15 لک ڀنگ عيوض آزا د، نوجوان کي سخت تشدد
بعد حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد ۾ اچهلايو ويو جتان وارٿن کڻي سول
اسپتال ميرپورخاص پهچايو . تفصيل موجب شهر جي معزز شخصيت سيد امين شاه
عرف مدهو شاه بڌايو سابق ڊي ايس پي سٽ لائيٽ ٽائون غلام سبحاني کهنوارو،
مير آفتاب ٽالپور، سب انسپيڪٽر آدم اٻڙو، سب انسپيڪٽر حسين بخش راجڙ،
نوڪري کان برطرف پوليس اهلڪار ذاوالفقار عرف ڪالا، ڪانسٽيبل صديق سومرو،
سني بلوچ ائين بين اهلڪارن هڪ مهينو اڳ مهنجي ڀائٽي سيد ذوهيب شاه کي گهر
تي چاپو هڻي گرفتار ڪيو ائين مسلسل هڪ مهينو ناجائز تحويل ۾ رکي 25 لک
روپيا ڀتو طلب ڪيو . جيڪو آخر ۾ 15 لک روپيا طع ٿيو جهن بعد پوليس
اهلڪارن 2 ڏيهن اڳ مير آفتاب ٽالپر ذوالفقار عرف ڪالا مونکي فون ڪري پئسا
طلب ڪيا. جهن بعد 15 لک روپيا مهنجي گهر اڇي اهلڪارن ورتا ائين ڇيو ت رات
تائين تهنجو ڀائٽيو اڇي ونيندو. جهن بعد گزريل رات 11 وڳي تائين مونکي
مهنجي ڀائٽي فون ڪيو ت هن کي رهيا ڪيو ويو آهي ائين هو هن وقت لطيف آباد
12 نمبر حيدرآباد ۾ موجود آهي. جهن بعد آئون پهنجن عزيزن سان گڏ پهنجي
ڀائٽي کي زخمي حالت ۾ وٺي آيس ائين هينئرهو سول اسپتال ميرپورخاص جي
سرجيڪل وارڊ ۾ داخل آهي. هن بڌايو ت هن اغوا برائي تعاوان۾ ملوث پوليس
اهلڪارن خلاف هو سٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي تي ايف آء آر لاء ويس ليڪن پوليس
اهلڪارن جواب ڏئي ڇڏيو. سيد امين شاه عرف مدهو شاه سپريم ڪورٽ جي چيف
جسٽس، سنده ها۽ ڪورٽ جي چيف جسٽس،وزير اعلي سنڌ ، آجي پوليس سنڌ کان
مطالبو ڪيو ت اغوا برائي تعاوان ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *