آسٽريليا ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي

 

ويلنگٽن(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي، فائنل ۾ ميزبان نيوزيلينڊ کي ڊڪ ورٿ لوئس تحت 19 رنسن جي شڪست ڏئي ڇڏي.ڪيويز 9 وڪيٽون وڃائي 150 رنسون ڍاهيون، آسٽريليا ٽي ملڪي سيريز جي پنجن ئي ميچن ۾ ناقابل شڪست رهي.ايڊن پارڪ آڪلينڊ ۾ ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز فائنل ۾ ميزبان ڪپتان ڪين وليمسن ٽاس کٽي ۽ پهريان بيٽنگ ڪندي 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 150 رنسون ٺاهيون.ڪولن منرو 29 ۽ مارٽن گپٽل 21 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.راس ٽيلر 43 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، مين آف دي ميچ آسٽريلوي اسپنر ايشٽن ايگر 27 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون، اينڊريو ٽائي ۽ رچرڊسن 2، 2 رانديگر آئوٽ ڪيا.آسٽريلوي ٽيم جي اننگ 2 ڀيرا برسات سبب متاثر ٿي، ٻئي طرف برسات کانپوءِ راند شروع نه ٿي سگهي. ان وقت فاتح ٽيم 14.4 اوورن ۾ 3 وڪيتون وڃائي 121 رنسون ٺاهيون هيون.ڊي آرسي شارٽ 30 بالن تي 50 ۽ ڪپتان ڊيوڊ وارنر 25 رنسون ٺاهي پويلين واپس هليا ويا.ميڪسويل 20، ايرون فنچ 18 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو گلين ميڪسويل سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *