آر ايس ايس جو نظريو خطي ۾ امن جي رستي ۾ رنڊڪ آهي: شاهه محمود قريشي

منامه(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن چاهي ٿو پر ڀارت کي هندو انتها پسند تنظيم آر ايس ايس جو نظريو خطي ۾ امن جي رستي ۾ رنڊڪ آهي. بحرين ۾ رهندڙ پاڪستاني بزنس ڪميونٽي کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته پرڏيهي پاليسي ۾ بنيادي تبديلي جو بنياد رکيو ويو آهي. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته معاشي استحڪام کان سواءِ پرڏيهي پاليسي جا مقصد حاصل نٿا ڪري سگهجن. پرڏيهي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ڀارت سميت خطي جي سمورن پاڙيسرين سان پرامن لاڳاپا چاهي ٿو پر آر ايس ايس جو نظريو خطي ۾ امن جي رستي ۾ رنڊڪ آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *