آءِ جي سنڌ جي تڪرار ۾ اهم اڳڀرائي، وفاق آءِ جي سنڌ جي بدلي وفاقي ڪابينا جي منظوري سان مشروط ڪري ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) آءِ جي سنڌ جي تڪرار ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، وفاق آءِ جي سنڌ جي بدلي وفاقي ڪابينا جي منظوري سان مشروط ڪري ڇڏي، ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ آءِ جي سنڌ جي بدلي ٿيندي، وزيراعظم جي آفيس ان حوالي سان اسٽبلشمينٽ ڊويزن کي سمري تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، ذريعن موجب وزيراعظم آفيس هدايت ڪئي آهي ته سنڌ حڪومت جي تجويز ڪيل نالن تي ٻڌل سمري موڪلي وڃي، آءِ جي سنڌ جي بدلي جو معاملو وفاقي ڪابينا ڏسندي، اسٽبلشمينٽ ڊويزن آءِ جي سنڌ جي مقرري ۽ بدلي لاءِ سمري تيار ڪئي آهي، سنڌ حڪومت پاران ڏنل نالا شامل ڪري وزيراعظم هائوس ڏانهن موڪليا ويا آهن، انعام غني، ثناءُ الله عباسي، غلام قادر ٿيٻو، ڪامران فضل ۽ مشتاق مهر جا نالا سمري ۾ شامل آهن، ثناءُ الله عباسي پهرين جنوري تي آءِ جي ڪي پي ڪي مقرر ڪيو ويو آهي تنهنڪري ان جي 21 ڏينهن کانپوءِ آءِ جي سنڌ طور بدلي ممڪن ناهي، ذريعن موجب آءِ جي سنڌ لاءِ انعام غني جي نالي تي غور ڪيو پيو وڃي جيڪو موجوده ايڊيشنل آءِ جي پنجاب آهي، وفاق مشتاق مهر جي نالي تي به سنجينده آهي، ذريعن ٻڌايو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ جي ڪيس جو درخواست گذار جبران ناصر به ان حوالي سان متحرڪ آهي جنهن جي وڪيل وفاق ۽ سنڌ کي خط لکيو آهي جنهن ۾ معاملو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هجڻ جي يادگيري ڏياري آهي، وفاق سنڌ حڪومت جي نموني معاملو ڪابينا ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سنڌ حڪومت ڪليم امام جي بدلي جي منظوري ڪابينا کان ورتي هئي، اسٽبلشمينٽ ڊويزن جي ذريعن موجب ان معاملي تي اسٽبلشمينٽ ڊويزن ۽ وزيراعظم آفيس رابطي ۾ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *