ڪراچي ۾ مختلف واقعن ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، 2 ڄڻا زخمي، هڪ لاش هٿ

ڪراچي(اسٽآف رپورٽر) ڪراچي جي اورنگي ٽائون ۾ هڪ شخص جو لاش هٿ آيو ۽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ جي يو آءِ   اڳواڻ  سميت 2 ڄڻا  زخمي ٿي پيا،  سرجاني ٽائون جي سيڪٽر 7 سي ۾ شهرين جي تشدد ۾ ڦورو مارجي ويو. اورنگي ٽائون جي ايم پي آر ڪالوني ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ جي يو آءِ اورنگي ٽائون جي جنرل سيڪريٽري مولانا ملڪ زر سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿيا، جن جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو . اورنگي ٽائون واري علائقي مان هڪ شخص جو تشدد ٿيل لاش به هٿ آيو، جنهن کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو. سرجاني ٽائون جي سيڪٽر 7 سي ۾ شهرين جي تشدد ۾ ڦورو مارجي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *