ڪراچي جي ميئر وسيم اختر سميت تمام بيگناهه سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي: ايم ڪيو ايم

ڪراچي (اين اين آءِ) ايم ڪيو ايم جمعي تي سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي آهي ته هو رڪاچي جي ميئر وسيم اختر سميت سمورن بيگناهه سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي ايم ڪيو ايم جي ميمبر رئوف صديقي ڪجهه نقطن تي اعترفاض واريندي چيو ته سينترل جيل ۾ قيدين مان روزانو ڄاڻ ملندي آهي ۽ ملاقاتون به ٿينديون آهن جيل ۾ قيدين کي ڏکيائين جو ٻڌي اسان پنهنجو غم وساري ويهندا آهيون هن چيو ته جن ماڻهن ڏوهه ڪيو آهي انهن کي سزا ملڻ گهرجي ليڪن بيگناهه سياسي قيدين کي آزادي ملڻ گهرجي. مان قيدين جو هڪ خط سنڌ جي وڏي وزير ۽ اسپيڪر جي نالي آندو آهي ته جيئن انهن جي داد رسي ٿي سگهي ۽ ڪنور نويد جميل وسيم اختر شيراز وحيد قمر منصور جهڙن سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي. اپوزيشن ليڊر خواجه اظهارالحسن چيو ته سياسي قيدين جو انگ سوين نه پر هزارن ۾ آهي هو پنهنجا ڪيس ختم ٿيڻ جي انتظار ۾ آهن. حڪومت کي وڏا فيصلا ڪرڻا پوندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *