ڀارت ۾ 10 دهشتگرد داخل ٿيا آهن: وفاقي حڪومت تصديق ڪري ڇڏي

اسلام آباد:وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته ڀارت ۾ 10 دهشتگرد وڏي دهشتگردي ڪرڻ لاءِ داخل ٿيا آهن.سندس چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ 40 کان وڌيڪ دهشتگرد گروپ ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث آهن،باقي داعش جو ڪو به وجود ناهي،جڏهن ته نائين اليون ۾ ڪو به پاڪستاني ملوث نه هيو پوءِ به اسانکي دهشتگرد ڪوٺيو ويو ۽ اسانکي ويڙهه وارو ماحول تحفي ۾ ڏنو ويو.سينيٽ اجلاس ۾ بيان ڏيندي وفاقي گهرو وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ 40 کان وڌيڪ دهشتگرد گروپ ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث آهن،پرداعش جوڪو به وجود ناهي،پُراڻي تنظيم داعش جو نالو استعمال ڪري ڊرپ ڦهلايو پيو وڃي.آئي بي ڪارروائي ڪري 3 گروپ پڪڙيا جن ۾ هڪ جو تعلق جماعت الدعوت سان آهي.سندس چوڻ هو ته افغانستان سان داعش ۽ دهشتگردي جي معاملن تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن،ڪنهن به افغاني کي پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جي ضرورت ناهي،انهيءَ عمل ۾ جيڪو ملوث هوندو ان کي سزا ملندي.چوڌري نثار 10 دهشتگردن جي ڀارت وڃڻ جي پڪ ڪندي چيو ته ڳجهي شيئرنگ رڳو ڀارت سان نه پر خطي جي ٻين ملڪن سان به آهي.سندس چوڻ هو ته نائين اليون ۾ ڪو به پاڪستاني ملوث نه هيو هڪ آمر جي فيصلي سبب دهشتگردي جي ويڙهه اسان تي مڙهي وئي ۽ بهتر رٿابندي نه ٿيڻ سبب اها ويڙهه وڌندي وئي.وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو ته ڪڏهن به ڪنهن واقعي تي صوبائي حڪومتن کي ڏوهي قرار نه ڏنو،ڇو ته پنهنجي ڄنڊا پٽ سان دشمنن جي ايجنڊا پوري ٿيندي،سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي چوڻ تي مقرر ڪئي وئي،پنجاب ۾ رينجرز آپريشن جي ضرورت ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *