پ پ پاران استعيفا خود پارٽي ۽ جمهوري نظام لاءِ آپگهاتي حملو ثابت ٿيندو، ايم ڪيو ايم به پارليمينٽ ۾ واپس اچي: سراج الحق

اسلام آباد (اين اين آءِ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق پيپلزپارٽي پاران اسيمبلين مان استعيفائن جي آپشن کي رد ڪندي واضح ڪيو ته پيپلزپارٽي پاران استعيفا خود پارٽي ۽ جمهوري نظام لاءِ آپگهاتي حملو هوندو سمورين حڪومتن کي پنهنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ گهرجي ايم ڪيو ايم به استعفائن جي معاملن تي نظرثاني ڪري بلوچن کي ذميواريون ڏنيون وڃن ته ملڪ ٽوڙڻ وارو عنوان ئي مٽجي ويندو هر ماڻهو کي دشمن جي نگاهه سان ڏسڻ بدران ٻڌڻ جي ضرورت آهي جبلن تي ويٺل بلوچ به هيٺ لهي اچن اليڪشن ڪميشن جي چئن ميمبرن جون استعيفائون پراڻي ڪپڙي ۾ چتي لڳائڻ برابر هونديون پورو سسٽم تبديل ڪيو وڃي اورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنو وڃي پاڪ چين رهداري رٿا کي تڪراري نٿا بنائڻ چاهيون گوادر ۽ مقامي آبادي جي حقن ۽ زمينن جي مالڪن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ قانونسازي ڪئي وڇي ڪرپشن جي هر شڪل جو مخالف آهيان ڪرپٽ ماڻهن جي سخت احتساب جي ضرورت آهي وٺو ۽ ڏيو جي پاليسي نه هلندي نيب ڪرپشن جي خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪري حڪمرانن واپڊا اسٽيل ملز، پي آءِ اي جي نجڪاري جو خيال ذهن مان ڪڍي ڇڏين ملڪ ۾ غريب ۽ امير لاءِ تعليمي نصاب هڪ هئڻ گهرجي 6 سيپٽمبر تي پاڪستان واضح پيغام ڏنو آهي ڀارت جي جارحيت جي خلاف سڄي دنيا ۾ آواز اٿارڻ گهرجي خميس تي هتي نائب امير جماعت اسلامي ميان محمد اسلم جي رهائشگاهه تي صوبائي امير محمد زبير ۽ ميڊيا چيف شاهد شمسي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي امير جماعت اسلامي سراج الحق خطاب ڪري رهيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *