پي ٽي آءِ کي شايد عدالتن تي اعتماد ناهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته پي ٽي آءِ جو شايد عدالتن تي اعتماد ناهي، عوامي جلسن ۾ روز چيو وڃي ٿو ته عدالتون رات جو ڇو کوليون ويون؟ سياسي موقف بڻايا وڃن ٿا ته عدالتون ڪنهن جي چوڻ تي کلنديون آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من  الله حنيف عباسي کي وزيراعظم جو خاص مددگار بڻائڻ خلاف شيخ رشيد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ اڳوڻو گھرو وزير شيخ رشيد عدالت ۾ پيش ٿيو. چيف جسٽس، شيخ رشيد کي روسٽرم تي گھرايو ۽ چيو ته جلسن ۾ عدالتن تي الزام تراشي ڏکوئيندڙ آهي، ڇا توهان ۽ توهان جي اتحادي پي ٽي آءِ کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تي اعتماد آهي؟ جيڪڏهن عمران خان جو اعتماد ناهي ته چيف جسٽس طور مان معذرت ڪري ڪيس ڪنهن ٻي عدالت ۾ اماڻي ٿو ڇڏيان، جلسن ۾ چيو وڃي ٿو ته عدالتون آزاد ناهن، 2014 ۾ رات 11 وڳي پي ٽي آءِ ورڪرز جيڪي حراست ۾ هئا، انهن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. چيف جسٽس، شيخ رشيد کي چيو ته توهان تحريڪ انصاف جي چيئرمين کان به پڇي وٺو، جيڪڏهن ان کي اعتماد ناهي ته اسان نٿا ٻڌون، عوامي جلسن ۾ روز چيو وڃي ٿو ته عدلتون رات جو ڇو کليون؟ سياسي موقف ٺاهيا وڃن ٿا ته عدالتون ڪنهن جي چوڻ تي کلن ٿيون، هن عدالت ۾ گم ٿيل ماڻهن، بلوچ شاگردن جا ڪيس آهن، عوام جو اعتماد خراب نه ڪريو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته شيخ رشيد صاحب هي عدالتون سڀني لاءِ آهن، ان تي شيخ رشيد جواب ڏنو رائٽ سر. جسٽس اطهر من الله وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ کي شايد عدالتن تي اعتماد ناهي، ان تي شيخ رشيد جواب ڏنو ته اعتماد آهي، تڏهن ته عدالتن ۾ آيا آهيون. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته جيڪڏهن توهان جو عدالتن تي اعتماد آهي ته عدالت ٻڌندي، فريادي جو عدالت تي اعتماد هجڻ گھڻو ضروري آهي، ٻيون به عدالتون آهن، ٻيا به جج آهن جيڪي توهان جا ڪيس ٻڌي سگھن ٿا. جسٽس اطهر من الله شيخ رشيد کي چيو ته وڪيلن يقينن توهان کي ٻڌايو هوندو ته رولز موجود آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *