
لاهور (اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل جي ٻئين ايڊيشن لاءِ ڊرافٽ جو عمل 19 آڪٽوبر تي دبئي ۾ ٿيندو،پي سي بي پاران مختلف ڪيٽيگريز ۾ لاڳو ٿيندڙ قانونن جي وضاحت ڪئي وئي آهي.جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايمرجنگ ڪيٽيگري ۾ رڳو اهي ئي رانديگر چونڊجي سگهجندا،جن جي عمر 1 جنوري تي 23 سالن کان گهٽ هوندي،ٽيمن جي رينجرز سان تعلق رکندڙن ڪوچ 5،5 نوجوان رانديگرن جا نالا ڊرافٽ لاءِ ڏيندا.