پيپلزپارٽي ناصر شاهه کان عهدو واپس وٺي ڇڏيو، هو بنا وزارت جي وزير رهندو: نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (اين اين آءِ) مڪاني چونڊن دوران سنڌ حڪومت اهم فيصلو ڪندي بلديات وزير ناصر حسين شاهه کان عهدو واپس وٺي ڇڏيو آهي هو هاڻي بنا کاتي جي وزير رهندو سنڌ حڪومت اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات اوچتو سرڪاري آفيسرن کي گهرائي ناصر حسين بلديات وزير جو قلمدان واپس وٺڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرائي ڇڏيو سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي پاران جاري نوٽيفڪيشن مطابق ناصر حسين شاهه بنا وزارت جي وزير رهندو جڏهن ته بلديات وزير جو قلمدان سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه وٽ رهندو ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپزلپارٽي جي اعليٰ قيادت ناصر حسين شاهه کان ناراض هئي ان لاءِ ان کان قلمدان واپس ورتو ويو ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي جي قيادت کي ناصر شاهه ۽ ان جي پٽن بابت پارٽي کي شڪايتون ملي رهيون هيون واضح رهي ته ناصر حسين شاهه کي 23 جولاءِ 2015 تي بلديات کاتي جو قلمدان ڏنو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *