
لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب ۾ شديد ڪوهيڙي سبب عام زندگي سخت متاثر ٿي آهي، شيخوپوره ۽ وهاڙي ۾ ڌار ڌار حادثن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا فوت ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. شديد ڪوهيڙي سبب وهاڙي جي باءِ پاس تي تيز رفتار ٽرالر ۽ مسافر بس وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 7 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته کان وڌيڪ زخمي ٿيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي پاسي شخپوره ۾ شديد ڪوهيڙي سبب ڏهه گاڏيون ٽڪرائجي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 10 زخمي ٿي پيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثا شديد ڪوهيڙي سبب پيش آيا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.