پاڪ چين لاڳاپا گڏيل مفادن ۽ اصولن تي ٻڌل آهن: وزيراعظم نواز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪ چين لاڳاپا گڏيل مفادن ۽ اصولن تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ڊگهار ۽ تاريخي آهن، مستقبل ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾سهڪار وڌيڪ مضبوط ٿيندو، جڏهن ته چين چائنا پاڪستان، اڪانامڪ ڪوري ڊور پراجيڪٽ تي هلندڙ ڪم واري رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي، گذريل ڏينهن پي ايم هائوس ۾ چين جي هڪ وفد سان ملاقات دوران خيالن جي ڏي وٺ ڪندي وزيراعظم چيو ته دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ ٻطرفي سهڪار ۽ دفاعي ٽيڪنالاجي جي سهڪار پاڪستان ۽ چين اسٽيٽ ايڊمنسٽريشن سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي اينڊ انڊسٽري فار نيشنل ڊفينس وچ ۾ ٻطرفي سهڪار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو آهي، وزيراعظم چيو ته مستقبل ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي امڪان سان گڏ اهو سهڪار وڌيڪ مستحڪم ٿيندو، هن چيو ته چين طرفان مڪمل تجويزن کانپوءِ چائنا ايرو اسپيس اينڊ انڊسٽري ڪارپوريشن طرفان پاڪستان ۾ ايئر ڊفينس سسٽم جي شموليت واري فيصلي کي حتمي شڪل ڏني ويندي، وزيراعظم دفاعي وزارت ۽ چين ايرو اسپيس سائنس اينڊ انڊسٽري ڪاپوريشن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي وارن ٻين شعبن ۾ سهڪار کي موجوده گڏيل مڪينيزم تي به اطمينان جو اظهار ڪيو، وزيراعظم چيو ته سرڪاري ۽ پاپولر سطح تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهڙا ۽ خوشگوار لاڳاپا مثال آهن، وزيراعظم چيو ته چائنا پاڪستان اڪانامڪ ڪوريڊور ٻنهي ملڪن وچ ۾ گهري دوستي جو ثبوت آهي، هن چيو ته هي واحد پروجيڪٽ سڄي خطي جي عوام جي زندگين ۾ تبديلي آڻڻ جي صلاحيت رکي ٿو جنهن لاءِ حڪومت ۽ پاڪستان جو عوام چين قيادت ۽ ان جي عوام جو ٿورائتو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *