پاڪستان پاران 13 سئو ڪلو ميٽرز تائين حدف کي آساني سان نشانو بڻائيندڙ غوري ميزائل جو ڪامياب تجربو

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان 13 سئو ڪلو ميٽرز تائين حدف کي آساني سان نشانو بڻائيندڙ غوري ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ميزائل ۾ ايٽمي ۽ روايتي هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت موجود آهي، جڏهن ته صدر ۽ وزيراعظم پاران ڪامياب تجربي تي  سائنسدان، انجنيئرز ۽ پاڪ فوج کي واڌايون ڏنيون ويون آهن. آءِ ايس پي آر  پاران جاري ڪيل بيان موجب، پاڪ فوج پاران غوري ميزائل جو تجربو ڪيو ويو، جنهن ڪاميابي سان پنهنجي حدف کي نشانو بڻايو. آءِ ايس پي آر چيو ته ميزائل 13 سئو ڪلو ميٽرن تائين آساني سان پنهنجي هدف کي نشانو بڻائي سگهي ٿو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ميزائيل ۾ ايٽمي ۽ روايتي هٿيار رکڻ وڃڻ جي صلاحيت موجود آهي. ڪامياب تجربي تي وزيراعظم نواز شريف ۽ صدر ممنون حسين انجنيئرز، سائنسدان ۽ پاڪ فوج کي واڌايو ڏيندي چيو آهي ته تجربي سان پاڪ فوج جو دفاع وڌيڪ مضبوط ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *