پاڪستان جي حالتن سبب ٻين ملڪن جي ٽيمن اچڻ گهٽائي ڇڏيو آهي:پرويز رشِيد

فيصل آباد (م.ڊ)  سڌسماءَ واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته پاڪستان جي حالتن جي ڪري ٻين ملڪن جي ٽيمن اچڻ گهٽائي ڇڏيو آهي پر هو سريلنڪا جي بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان اچڻ تي ان جي آجيان ڪري ٿو،فيصل آباد ۾ سريلنڪا جي بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته سريلنڪن بلائينڊ ٽيم جي اچڻ سان پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي سرگرمين لاءِ رستو صاف ٿيندو، ماڻهو بلائينڊ ڪرڪيٽ ڏسڻ اچن ۽ ٽيمن کي همٿائين، هن چيو ته ٻئي ٽيمون سٺو مقابلو ڪنديون ۽ سٺيون ميچون ڏسڻ لاءِ ملنديون، سندس چوڻ هو ته اسان ڊينگي جي خاتمي لاءِ سريلنڪا جي مدد کي واکاڻيون ٿا، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي خراب ڪارڪردگي ۽ مات جي ڪارڻن تي ٻڌل رپورٽ ليڪ ٿيڻ بابت سوال جي جواب ۾ پرويز رشيد چيو ته ان معاملي تي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار موقف پيش ڪري ڇڏيو آهي، هڪ ٻئي سوال تي وفاقي وزير چيو ته اڄ نئون ڏينهن آهي، پراڻن ڏينهن کي ياد نه ڪيو پر نئون ڏينهن انجواءِ ڪيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *