
ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽين ۽ آخري ون ڊي انٽر نيشنل اڄ اربع تي شيخ زيد اسٽيڊيم ابوظهبي ۾ کيڏي ويندي. گرين شرٽس کي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي سرسي حاصل آهي. شارجه ۾ کيڏيل پهرين ميچ ۾ پاڪستان 111 ۽ ٻي ميچ ۾ 59 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪري ون ڊي سيريز کان علاوه ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچون پڻ کيڏيون وينديون. ان سلسلي ۾ پهرين ٽيسٽ 13 کان 17 آڪٽوبر تائين دبئي، ٻي ٽيسٽ 21 کان 25 آڪٽوبر تائين ابوظهبي، جڏهن ته ٽين ۽ آخري ٽيست ميچ 30 آڪٽوبر کان 3 نومبر تائين شارجه ۾ کيڏيون وينديون.