
اسلام آباد (بيورو) پاناما ليڪس جي معاملي تي جاچ لاءِ قانون واري وزارت سپريم ڪورٽ ۽ هائيڪورٽ جي رٽائرڊ ججن جا نالا وزيراعظم نواز شريف ڏانهن اماڻي ڇڏيا، ذريعن مطابق وزيراعظم نواز شريف پاران پاناما ليڪس ۾ سندس ڪٽنب تي ڳجهي طريقي سان ملڪيت ٺاهڻ وارن انڪشافن کانپوءِ اعلانيل عدالتي جاچ ڪميشن لاءِ قانون واري وزارت سپريم ڪورٽ ۽ چئني هائيڪورٽن جي رٽائرڊ ججن جي هڪ فهرست کيس اماڻي ڇڏي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم نواز شريف جي صدارت ۾ اڄ اهم اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ عدالتي ڪميشن لاءِ سپريم ڪورٽ جي هڪ ۽ هائيڪورٽ جي ٻن رٽائرڊ ججن جا نالا شامل ڪرڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پي سي او هيٺ قسم کڻندڙ جج ان ڪميشن ۾ شامل نه ڪيا ويندا، ذريعن مطابق وزيراعظم نواز شريف پاران ڪميشن لاءِ ججن جي منظُوري کانپوءِ جاچ لاءِ ان جا شرط شروط ۽ قاعدا توڙي ضابطا طئه ڪيا ويندا، ان ڳاله جا چٽا امڪان آهن ته وزيراعظم نواز شريف جو پٽ حسين نواز پاڻ ڪميشن سامهون پيش ٿي سعودي عرب ۾ پنهنجي اسٽيل ملز ۽ ٻي ملڪيت بابت بيان قلمبند ڪرائي.