ٽي ڪوئا نڪتا آهن منهنجو شڪار ڪرڻ، جنرل باجوا چيو فضل الرحمان کي ڊيزل نه چئو: عمران خان

لوئر ڌير (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي جنرل باجوا فضلالرحمان کي ڊيزل ڪوٺڻ کان منع ڪيو آهي، خطرناڪ ڊيزل، شڪل ۾ نظر ايندڙ چور، ڦورو، ۽ شوباز 3 ڪوئا منهنجو شڪار ڪرڻ لاءِ نڪتا آهن، بي اعتمادي رٿ تي هڪ انسوئنگ ياتر سان ٽنهي جون وڪيٽون اڏائي ڇڏيندس ٽئي چور مون کان اين آر او گهري رهيا آهن، اپوزيشن جا ماڻهو نوٽن جا ٿيلها، 15 کان 20 ڪروڙ رپيا کڻي گهمي رهيا آهن اسان جي قومي اسيمبلي ميمبرن کي چئي رهيا آهن ته پنهنجو ضمير کپائي ڇڏيو سڄي قوم آڏو تماشو ٿي رهيو آهي، حڪومت ڪيرائڻ ته منهنجي لاءِ آسان شئي آهي مون کي پنهنجي جان به ڏيڻي پوي ته مان توهان کي نه ڇڏيندس، جانور نيوٽرل هوندو آهي ان ۾ سٺي خراب جو فرق ناهي هوندو. بي اعتمادي رٿ کان هڪ ڏينهن اڳ ڊي چوڪ ۾ انسانن جو سمنڊ هوندو عام جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته غريب کان غريب ماڻهو به جيڪڏهن ڪنهن جي اڳيان نه جهڪندو ته ماڻهو ان جي عزت ڪندا جڏهن ته امير کان امير ماڻهو به جيڪڏهن ڪنهن جي اڳيان جهڪي ٿو ته ڪوئي ان جي عزت نٿو ڪري انسان جيڪڏهن ڪنهن جي اڳيان جهڪي ٿو ته اهو پنهنجي عزت وڃائيويهي ٿو جڏهن قوم ڪنهن جي اڳيان جهڪي ٿي ته ان جي قوم جي ڪوئي عزت نٿو ڪري ان ملڪ جي پاسپورٽ جي عزت نٿو ڪري جلسي ۾ ڪارڪنن پاران ڊيزل ڊيزل جا نعرا لڳائڻ تي هن چيو ته هاڻي منهنجي جنرل باجوا سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي هئي ته هنچ يو ته فضل الرحمان کي ڊيزل نه چئو پر جنرل باجوا مان ته ان کي نٿو چوان پر عوام ان جو نالو ڊيزل رکي ڇڏيو اهي هن چيو ته دنيا صرف خوددار قوم جي عزت ڪري ٿي اها قوم جيڪا پنهنجي عزت نٿي ڪري دنيا ان جي عزت نٿي ڪري مان جڏهن کانس ياست شروع ڪئي ته اهو ئي چيو ته اسان پاڪستان کي هڪ خوددار قوم بڻائينداسين هن چيو ته منهنجو منشور هو ته اسان پنهنجي ملڪ کي فلاحي رياست بڻائينداسين ۽ پنهنجي ملڪ ۾ عدم ۽ انصاف جو نظام آڻينداسين طاقتور کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻينداسين 25 سال اڳ هي 3 شيون منهنجي منشور جو حصو هيون ۽ اسان هي منشور مديني جي رياست مان کنيو هو عمران خان اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو ته هي ٽئي 30 کان 35 سالن کان ملڪ تي حڪومت ڪري رهيا آهن جيڪڏهن اڄ اسان جي سبز پاسپورٽ جي دنيا ۾ عزت نه آهي ته هي انهن ٽنهي جي ڪري آهي ڇوته انهن اسان جي ملڪ کي قرضي ڪيو ۽ وڏين وڏين عالمي طاقتن اڳيان جهڪيا هن چيو ته 2008 کان 2018 ۾ پاڪستان ۾ 400 ڊرون حملا ٿيا اسان جا شهري، عورتون ٻار ۽ بي ڏوهه ماريا ويا هي زرداري ۽ نوازشريف اقتدار ۾ هئا پر انهن هڪ ڀيرو به انهن حملن جي مذمت نه ڪئي. ۽ اهو نه چيو ته هي بين الاقوامي قانونن جي خلاف آهي هن چيو ته انهن ٻنهي ان لاءِ مذمت نه ڪئي ته ڇو ته انهن جا اربين ڊالر ٻاهرين ملڪ پيا آهن ۽ انهيءَ ڪري انهن پنهنجن شهرين تي ٿيندڙ ظلم جي مذمت نه ڪئي. صرف اوهان جي پارٽي انهن حملن جي خلاف مظاهري ڪري ان جي مذمت ڪري رهي هئي وزيراعطم چيوت ه جنهن پارٽي جي به سربراهه جو پئسو ملڪ کان ٻاهر پيو هجي اهو ڪڏهن به آزاد پرڏيهي پاليسي نه ٺاهيندو اهو ڪڏهن به اهڙي پاليسي نه ٺاهيندو جنهن سان هو پنهنجي عوام جي حقن جي حفاظت ڪري هن چيو ته هڻي ڊيزل چيو ته اسان اقتدار ۾ اچي ادارا ٺيڪ ڪنداسين مطلب اسان فوج کي ٺيڪ ڪنداسين اڄ جيڪڏهن پاڪستان جو وجود آهي ته ان جو اصل سبب اهو آهي ته اسان وٽ هڪ مضبوط فوج آهي هن چيو ته اڄ اسان جي اسلامي ملڪن م تباهي آيل آهي جڏهن هڪ ملڪ وٽ پنهنجي حفاظت ڪرڻ جي طاقت ناهي هوندو اهو آزاد نٿو رهي ان لاءِ اڄ جيڪڏهن اسان جي دشمنن ملڪ کي ٽوڙي نه ته ان جو سبب به اسان جي فوج آهي مسلمان دنيا ۾ اسان جي سڀ کان طاقتور فوج آهي عمران خان چيو ته ان جي پٺيان هي پيل آهن. ڊيزل چيو آهي تها سان ادارا ٺيڪ ڪنداسين اوهان ٽنهي جنهن اداري ۾ هٿ وڌو آهي ته اوهان سمورا ادارا تباهه ڪري ڇڏيا آهن عدالتن تي حملو ڪيو ججز کي خريد ڪيو ڏنڊن سان سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ڀڄايو ٽيليفون ڪال ڪري ججن کان فيصلا ورتا ميڊيا ۾ لفافو صحافت شروع ڪئي ۽ رشوت ڏني. عمران خان چيو ته بي اعتمادي رٿ کان هڪ ڏينهن اڳ سموري قوم ڏسندي ته ڊي چوڪ ۾ ماڻهن جو سمنڊ هوندو هن چيو ته منهنجو مقابلو انهن ٽنهي چورن سان آهي هي ٽئي چور مون کان اين آر او گهري رهيا آهن هي چون ٿا ته عمران خان جيڪڏهن تون اسان جي ڪرپشن جاڪيس بند نه ڪندي ته اسان تنهنجي حڪومت ڪيرائي ڇڏينداسين مان انهن کي چوان ٿو ته حڪومت ڪيرائڻ ته منهنجي لاءِ تمام سولو ڳالهه آهي مون کي پنهنجو سر به ڏيڻو پيو ته ڏيندس پر توهان کي نه ڇيڏندس مان انهن جي خلاف جهاد ڪري رهيو آهيان وزيراعظم چيو ته جيستائين منهنجي سسي ۾ ساهه آهي مان هن ملڪ ۾ انصاف جي جنگ وڙهندس ۽ انهن کي ڪڏهن به نه ڇڏيندس. وزيراعظم چيو ته بي اعتمادي رٿ جي مئچ اوهان جو ڪپتان کٽندو ۽ پوءِ ڏسجو ته ان کان پوءِ هنن چورن ڌاڙيلن سان منهنجو ڪهڙو ورتاءُ هوندو. خطاب ڪندي وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته ماضي ۾ ڊرون حملا ٿيندا هئا پر روڪرائڻ بدران اڳوڻن حڪمرانن حملا ڪرائڻ تي راضپو ڏيکاريو ۽ هي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت آهي جنهن جي دور ۾ پاڪستان جو وقار بلند ٿيو آهي مراد سعيد چيو ته وزيراعطم عمران خان پوري پاڪستاني قوم جو هردلعزيز اڳواڻ آهي جنهن گڏيل قومن ۾ اسلامو فوبيا تي ڳالهائي پاڪستاني قوم پر پوري اسلامي دنيا جي ترجماني ڪئي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ هڪ عظيم الشان جلسو ڪري رهيا آهيون اوهان سڀني کي اچڻ جي دعوت آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *