ٽمبر مارڪيٽ متاثرن کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين : شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽمبر مارڪيٽ ايسوسئيشن ۽ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي عهديدارن وچ ۾ڳالهين ۾ ٽمبر مارڪيٽ سانحي جي متاثرن کي بوليٽن مارڪيٽ سانحي جيان معاوضو ڏيڻ ۽ 58 کان وڌيڪ بي گھر ٿيل خاندانن کي فوري طور تي اسڪولن ۽ ٻين هنڌن تي رهائش جي فراهمي ۽ انهن کي روزانا خرچ لاءِ فوري طور تي هڪ هڪ لک روپيا ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. سانحي جي متاثرن جي نقصان جي اندازي لاءِ حڪومت پاران ٻه جڏهن ته ٽمبر مارڪيٽ ايسوسيئيشن پاران چئن ميمبرن واري ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا 15 ڏينهن اندرسموري نقصان جو اندازو لڳائيندي ۽ ان نقصان جو پورائو 50 سيڪڙو سنڌ ۽ 50 سيڪڙو وفاقي حڪومت کان وٺي پورو ڪيو ويندو. گڏجاڻي ۾ صوبائي وزير ڪچي آبادي جاويد ناگوري ڪمشنر ڪراچي شعيب احمد صديقي، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي رئوف اختر فاورقي، ڪراچي چيمبرس آف ڪامرس جي سراج قاسم تيلي، ڪراچي چيمبر جو صدر هارون وهرا، ٽمبر مارڪيٽ ايسوسيئيشن جو صدر سليمان سومرو، حنيف سومرو، حاجي محمد يعقوب، عبدالحمير بگلا، پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جو صدر عبدالقادر پٽيل، نجمي عالم، قاسم بلوچ ۽ اسلم سمون سميت ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کان پوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ سراج قاسم تيلي چيو ته ٽمبر مارڪيٽ سانحو افسوسناڪ سانحو آهي ان جي متاثرن کي سنڌ حڪومت ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي هن چيو ته متاثرن کي اسان امداد نه پر سندن حقن انهن جي چائنٺ تي فراهم ڪنداسين. ان سلسلي ۾ علائقي ۾ اتان جي صورتحال ۽ ٽمبر مارڪيٽ مرچنٽ ايسوسيئيشن جي چئن ميمبر واري ڪميٽي ۽ حڪومت جي ٻن ميمبرن واري ڪميٽي ان تمام سانحي جي متاثرن جا مڪمل تفصيل ۽ ان جي نقصان جو ڪاٿو ايندڙ 8 کان 10 ڏينهن اندر لڳائي ۽ 15 ڏينهن اندر اندر آخري رپورٽ سنڌ حڪومت کي پيش ڪنديون. هن چيو ته حڪومت پاران ڪميٽي جي مانيٽرنگ ڪمشنر ڪراچي ڪندو ۽ ڪمشنر ڪراچي ئي سنڌ حڪومت کي حتمي رپورٽ پيش ڪندوجنهن کان پوءِ انهن متاثرن کي بولٽن مارڪيٽ جيان انهن جي نقصان جو نه فقط مڪمل پورائو ڪيو ويندو پر رهائشي عمارتن ۽ گھرن جتي ضرورت پئي اتي مرمت ۽ جن عمارتن کي ٻيهر تعمير ڪرڻ جي ضرورت پئي اتي حڪومت ئي کين ٻيهر تعمير ڪرائي ڏيندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سانحي جي ابتدائي رپورٽ موجب 55 کان 60 خاندان بي گھر ٿيا آهن جن لاءِ ويجھن اسڪولن ۾ فوري ڪيمپ قائم ڪيا ويا آهن ۽ انهن کي اتي سموريون سهولتون حڪومت پاران فراهم ڪيو وينديون. جڏهن متاٿرن کي معاوضي کان علاوه انهن جي روزاني خرچ لاءِ هڪ هڪ لک روپيا رقم ڏني پئي وڃي هن چيو ته سنڌ حڪومت گذريل ڇهن سالن دوران ٻوڏن، برساتن، ٿرپارڪر ۾ ڏڪار، بولٽين مارڪيٽ سانحي ۽ بلديا ٽائون سانحي جي متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي آهي ۽ هن ڀيري هن قدرتي آفت جي شڪار اسان پنهنجي ڀائرن کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين هن چيو ته اسان جي واپاري برادري خاص ڪري ڪراچي چيمبر آف ڪامرس ۽ انڊسٽريز بولٽن مارڪيٽ سانحي جي موقعي تي حڪومت کان ملندڙ امداد مان گھٽ ۾ گھٽ ڏيڍ ارب روپيا اهو چئي واپس ڪيا هئا ته سمورن متاثرن کي انهن جو مڪمل حق ڏنو ويو آهي ۽ عمارتن ۽ دڪانن کي به ٻيهر تعمير ڪيو ويو آهي. اهڙي نموني اسان ڪراچي چيمبر آف ڪامرس ۽ ٽمبر مرچنٽ ايسوسئيشن کي رقم فراهم ڪنداسين. جنهن ۾ 50 سيڪڙو سنڌ حڪومت جڏهن ته 50 سيڪڙو وفاقي حڪومت ادا ڪندي ۽ ان سلسلي ۾ اسان ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جا ٿورائتا آهيون جنهن پنهنجي ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو آهي هن چيو ته اسان ڪنهن به سانحي تي سياسي پوائينٽ اسڪورنگ ڪرڻ بجاءِ عملي اُپائن تي يقين رکون ٿا. جڏهن ته سانحي جي فوري بعد ميڊيا ذريعي اهڙو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اتي سنڌ حڪومت يا حڪومتي وزير يا پيپلز پارتي جو ڪو به فرد موجود نه هيو جڏهن ته ٽمبر مارڪيٽ مرچنٽ ايسوسيئشن جي عهديدارن ۽ اتان جا رهواسي ان ڳالھ جا شاهد آهن ته صوبائي وزير جاويد ناگوري صبح ساڍي چئين لڳي کان وٺي سانحي واري هنڌ تي موجود هو جڏهن ته ناديه گبول ۽ پيپلز پارٽي جي ٻين اڳواڻن کان علاوه ڪمشنر ڪراچي پاڻ ۽ بلديات کاتي جو پورو عملو، ايڊمنسٽريٽر ڊي ايم سي سائوٿ سميت ان جو پورو عملو سانحي واري هنڌ تي موجود هئا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان ڦوٽو سيشن ۽ ميڊيا تي پنهنجي موجودگي بجاءِ عملي اُپائن تي يقين رکون ٿا ۽ اهو ئي ڪارڻ هو جو اتي موجود عوام اسان جي موجودگي جي شاهدي ڏئي رهيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ابتدائي طور تي رهواسين کي هڪ هڪ لک روپين جي امداد فقط انهن جي روزاني خرچن لاءِ ڏني پئي وڃي ان جي نقصان جي اندازي بعد انهن کي پوري ادائيگي ڪئي ويندي، جڏهن ته ان هڪ لک روپئي جي ڪا به ڪٽوتي نه ڪئي ويندي هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته هاڻ ڪي ايم سي واٽر بورڊ سميت ٻين کاتن جي حوالي سان اسان کي بولڊ اسٽيپ وٺڻا پوندا ۽ مان ان ڳالھ جو کليل اعلان ڪيان ٿو ته هاڻ انهن ادارن ۾ هڪ به گھوسٽ ملازم نه رهڻ ڏيندس ۽ ان خاطر جيڪڏهن منهنجي وزارت به هلي وڃي ته آءُ ڇڏي ڏيندس ۽ مان ان ڳالھ جو به اعلان ڪريان ٿو ته ان ۾ منهنجي يا ڪنهن جي به ذاتي پسند يا نا پسند نه هوندي. هاڻ انهن ادارن ۾ اهو ۾ اهو ڪم ڪندو ۽ پگھار وٺندو جيڪو ڊيوٽي ڪندو. ايم ڪيو ايم پاران سنڌ اسيمبلي ۾ ٽيبمر مارڪيٽ سانحي جي حوالي سان تحريڪ التوا جمع ڪرائڻ متعلق پڇيل سوال تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گذريل ڏينهن هن اڌ سچ ڳالهايو هو ۽ باقي سموري حقيقت ان تحريڪ التوا دوران اٿاريل سوالن جي جواب ۾ ڏيندس ۽ ان کي اسيمبلي جي فلور تي عوام سامهون بينقاب ڪندس. باهه لڳڻ جي سببن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن وقت هو ڪا به سياسي پوائينٽ اسڪورنگ ٿيڻ نه ڏيندو. سانحي جي حوالي سان مڪمل جانچ ڪرائي ويندي ته اها باھ شارٽ سرڪٽ سان لڳي آهي يا ڪنهن ٻئي سبب سان لڳي آهي. هن چيو ته تمام حڪومتي مشينري باوجود ان ۾ ڪنهن جي به ڪا ڪوتاهي سامهون آئي ته ان کي معاف نه ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلديا ٽائون سانحي کان پوءِ سنڌ حڪومت سوا ٽي ارب روپين جي لاڳت سان هڪ سو اسي فائر ٽينڊرس ۽ فائر مينس لاءِ ٻيو سامان خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو پر افسوس جي ڳالھ آهي ته ان ۾ عدالت اسٽي آرڊر جاري ڪيو ۽ اٺن مهينن کان ان تي اسٽي آرڊر لاڳو آهي. هن چيو ته آءُ پنهنجي عدالت سڳوري کي گذارش ڪندس ته الله جي واسطي عوامي مفادن جي ڪمن تي اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ واري عمل کي روڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن عوامي مفادن ۾ انهن کي ڪٿي ڪا به ڪوتاهي نظر اچي ته ان تي فوري فيصلو ڪيو وڃي. ان موقعي تي سراج قاسم تيلي ۽ ٻين واپاري اڳواڻن وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاھ ، اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ  ۽ سنڌ حڪومت جا دل جي گھراين سان ٿورا مڃيندي چيو ته جيڪو اعتماد بولٽن مارڪيٽ سانحي وقت سنڌ حڪومت اسان تي ڪيو هو اڄ ان ئي اعتماد جو اظهار واپاري برادوري تي  ٽمبر مارڪيٽ سانحي تي به ڪيو آهي جنهن تي اسان سندن دل سان ٿورائتا آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *