يمنيٰ زيدي جي شاعري سوشل ميڊيا تي مقبول ٿي وئي

لاهور(شوبز نيوز) مشهور اداڪارا يمنيٰ زيدي جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هو پنهنجي خيالن جي عڪاسي لفظن وسيلي ڪندي نظر اچي ٿي. هوءَ ماضي ۾ به اهڙيون وڊيوز انسٽا گرام تي پوسٽ ڪندي رهي آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي شاعري سان مداحن جي دلين ۾ گهر ڪيو آهي. هن پنهنجي نئين وڊيو ۾ شاعراڻي انداز ۾ ڪجهه جملا چيا جيڪي سندس مداحن کي ڏاڍا وڻيا. اداڪاره جي وڊيو کي سندس اڪائونٽ تي هيل تائين 2 لک 24 هزار کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو آهي جڏهن ته صارفين ان تي تبصرو به ڪري چڪا آهن. هن نظم شيئر ڪيو ته: ڌُلي سي گال، واهه ڪيا ڪمال، زندگي پاڪ هوئي چلي جاتي هي، تيري ذات همين هر بار، اڪ نيا هنر سکاتي هي، ميري وجود ڪو امر ڪردي، تيري خيال ۾ مجهي بي خبر ڪردي، جستجو اڪ رهي، تجهه سي سلسلي ڪافي، اور، ساري عمر ڪي لئي هوجائي، تو مجهه سي راضي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *