وقت اچي ويو آهي ته قبائلي علائقن کي ڪي پي ڪي جو حصو بڻايو وڃي: عمران خان

نوشهره(م.ڊ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف مڪاني چونڊن کان اڳ ڌانڌلي شروع ڪري ڇڏي آهي، وزيراعظم کي آصف زرداري ۽ ايم ڪيو ايم جَي دٻاءَ ۾ اچڻ بدران ڪرپٽ ماڻهن جو احتساب ڪرڻ گهرجي. نوشهره ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته حڪمران ليگ مڪاني چونڊن کان ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي هارين لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪري اڳواٽ ئي ڌانڌلين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ڪپتان چيو ته پنجاب اندر مڪاني چونڊن ۾ هو پيپلز پارٽيءَ سميت ڪنهن جماعت سان اتحاد نه ڪندا. پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته ڪرپشن جَي ڪيسن سبب دبئي ويٺل آصف علي زرداري ۽ ايم ڪيو ايم وارا نواز شريف تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن. عمران خان چيو ته نواز شريف کي ڪنهن جي به دٻاءَ ۾ اچڻ بدران ڪرپٽ ماڻهن جو احتساب ڪرڻ گهرجي. ڪپتان چيو ته حڪومت صحيح احتساب چاهي ٿي ته ڪي پي حڪومت کان سکي، جتي احتساب ڪميشن با اختيار آهي، پي ٽي آءِ سربراهه دعويٰ ڪئي ته ڪي پي ڪي اندر پوليس ۾ ڪنهن به قسم جي سياسي مداخلت ناهي. عمران خان فاٽا کي صوبو بڻائڻ جي مخالفت ڪندي چيو ته فاٽا کي ڪي پي ڪي جو حصو رهڻ ڏنو وڃي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته فاٽا کي صوبو ٺاهڻ جي حوالي سان اتان جي عوام کان ڀلي راءِ ورتي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *