وزير اعظم چيني ڪارپوريشنز جي سربراهن کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم نواز شريف چيني ڪارپوريشنز جي سربراهن کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان تسلسل سان لبرلائزيشن، ڊي ريگوليشن ۽ خانگائڻ واري پاليسي تي عمل پيرا آهي ان ڪري پاڪستان جو اقتصادي منظر نامو گذريل چار سالن ۾ تبديل ٿي ويو آهي. وزير اعظم نواز شريف سان چيني ڪارپوريشنز جي سربراهن جي وفد وزير اعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزير اعظم چيني ڪارپوريشنز جي سربراهن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته پهرين ڏينهن کان معيشت جي بحالي توانائي بحران ۽ سلامتي صورتحال تي ڌيان ڏنو اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان جو اقتصادي منظر نامو گذريل چار سالن ۾ بلڪل تبديل ٿي ويو آهي ۽ پاڪستان جي معاشي ڪامبين جو عالمي سطح تي به اعتراف ڪيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سيڙپڪار پاليسي ۽ واپار جي لاءِ سازگار ماحول ڏئي رهيا آهيون، سيڙپڪارن کي هر قسم جون سهولتون ۽ سيڪيورٽي ڏني پئي وڃي، پاڪستان ۾ سيڙپڪارن جي لاءِ ماحول سازگار آهي ۽ فائدو کڻڻ جي آزادي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *