اسلام آباد (بيورو) نيپرا، فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي اگهن ۾ هڪ رپيو 86 پئسا گهٽتائي ڪري ڇڏي، نوان اگهه ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي لاڳو نه هوندا. سي پي بي اي پاران نيپرا کي بجلي اگهن ۾ 2 رپيا 92 پئسا لاٿ جي درخواست ڪئي وئي هئي. نيپرا بجلي اگهن ۾ هڪ رپيو 86 پئسا گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، نوان اگهه جولاءِ کان لاڳو ٿيندا.