نيب جون پشاور ۾ ڪارروائيون،ڳوڻي سيڪريٽري ۽ 4 حاضر سروس آفيسر گرفتار

پشاور (بيورو) قومي احتساب بيورو نيب، پشاور ۾ ڪارروائي ڪري ڪرپشن جي الزام هيٺ اڳوڻي سيڪريٽري ۽ 4 حاضر سروس آفيسرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن تي قومي خزاني کي اربين رپيا نقصان پهچائڻ جو الزام آهي. نيب ڪي پي ڪي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، پشاور ۾ ڪارروائي ڪري پورهئي کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري اعزاز الرحمان ۽ حاضر سروس چئن آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو. نيب ترجمان موجب، گرفتار جوابدارن ۾ 20 هين گريڊ جو آفيسر ۽ پورهي کاتي جو اڳوڻو سيڪريٽري اعزاز الرحمان به شامل آهي، جيڪو ورڪر ويلفيئر بورڊ جو چيئرمين به رهي چڪو آهي. نيب ترجمان موجب ڊائريڪٽر فنانس ورڪر ويلفيئر بورڊ ابرار حسين، ڊائريڪٽر فنانس پراونشل هائوسنگ سوسائٽي اٿارٽي عمران خان وزيرن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، عمران وزير فنانس ڊائريڪٽر به رهي چڪو آهي. نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪانٽريڪٽر محمد اڪبر، اڳوڻي ڊائريڪٽر ورڪر ويلفيئر بورڊ عرفان قريشي کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي، سمورن آفيسرن تي ورڪر ويلفيئر بورڊ جي سامان جي خريداري ۾ ساڍا 3 ارب رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي. نيب ترجمان موجب، سمورن آفيسرن کي پيش ڪري احتساب عدالت مان رمانڊ به وٺي ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *